سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان بابت صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت امن امان بابت صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته امن امان بابت واويلا ڪئي پئي وڃي، ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ اچن .
ميرپورماٿيلي ۾ آءِ جي سنڌ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته سي پيڪ ۽ نيشنل هاءِ وي تي امن امان جي صورتحال بهتر آهي.
گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سازش تحت ماڻهن ۾ خوف پکيڙيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويندا، جڏهن ته ڏوهاري سرڪاري زمين تي فصل ڪاهي ان مان ملندڙ پئسا رياست جي خلاف استعمال ڪن ٿا.
گھرو وزير جو چوڻ هو ته قبيلائي تڪرارن تان قتل ٿيندڙ ماڻهن جا ڪيس داخل ٿيندا،جيڪڏهن پوليس ڪيس داخل نه ڪندي ته ايڪشن کڻنداسين.
هن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنز ۾ قبيلائي تڪرار آهن، ڏوهارين کي انجام تائين پهچائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.