سنڌ حڪومت صوبي ۾ پاڻي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيستائين گليشيئر ڳرندو تيستائين اسان جي آبپاشي نظام کي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملندو.
اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي ۽ زراعت جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو .
وڏي وزير چيو ته موسمي تبديلين سبب فصلن جو طريقو ۽ پاڻي جي دستيابي جو مطالعو ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته آبپاشي ۽ زرعي ماهرن سان به مشاورت ڪئي وڃي ، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙا فصل پوکجن جيڪي گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار ڏين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي زراعت کي ڊريپ ۽ اسپري ڪلر تي ترقي ڪرڻي پوندي، زراعت کاتو پنهنجي تحقيقي مرڪزن کي فعال ڪري نئين فصلن جي حوالي سان حڪومت جي مدد ڪري.
هن جو چوڻ هو ته زراعت کاتي کي گهرجي ته اهي فصل متعارف ڪرائين جيڪي زرعي پيداوار وڌائي ۽ ملڪ جي معيشت کي سهارو ڏين.
اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته امڪاني ڊيٽا جي بنياد تي زرعي پاڻي جو مطالعو ڪيو وڃي، جڏهن ته مطالعو ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ 10 سالن ۾ صوبي کي ڪيترو پاڻي ملندو ۽ ان جا زراعت تي ڪهڙا اثر پوندا.
سنڌ جي وڏي وزير رٿابندي ۽ ترقي کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته زرعي ترقي لاءِ سائنسي بنيادن تي عالمي بئنڪ ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ بئنڪ کان مدد ورتي وڃي.
وڏي وزير جي چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي ۽ زراعت کاتي جا اجلاس گهرائي کيس پنهنجون تجويزون ڏنيون وڃن.
اجلاس ۾ آبپاشي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري آبپاشي ظريف ڪيريو ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.