طوفاني برسات سبب تعليمي ادارن ۾ موڪل

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ۾ زوردار برسات سبب اڄ تعليمي ادارن ۾ موڪل ڪئي وئي آهي.
سعودي عرب جَي اوڀر وارن علائقن ۾ تيز مينهن وسيو، جنهن سبب روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.
زوردار وسڪاري سبب اڄ تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ٻئي طرف دبئي ۽ ابو ظهبي سميت مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي.
گڏيل عرب امارات ۾ اڄ به تيز مينهن وسڻ جو امڪان ظاهر ٿيڻ کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ موڪل ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.