عمان: برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 14 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي گم

عمان ۾ تيز برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ اڪثر اسڪول جا ٻار شامل آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نار ملڪ جي سرڪاري خابرو اداري شروعاتي طور تي ٻڌايو هو ته ڪار پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ سبب 9 اسڪولي ٻار ۽ 3 ٻيا ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
ملڪ جي اتر اوڀر ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پنج ٻيا ماڻهو لاپتا آهن.
عمان جي خابرو اداري موجب هڪ عورت ۽ هڪ ٻار جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.
عمان جي اتر ۽ اوڀر ۾ ڪيترائي علائقا طوفان، تيز برسات ۽ تيز هوائن جي ڪري ٻوڏ ۾ اچي ويا جيڪي آچر تي شروع ٿيا.
سلطنت جي وزيرن جي ڪائونسل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهي فوتي شاگردن جي مائٽن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪن ٿا، جيڪي تازو فوت ٿي ويا.
ٻوڏ سبب 5 روڊ به بند ٿي ويا، جڏهن ته تعليم واري وزارت ٻوڏ سبب اڪثر علائقن ۾ اسڪول بند ڪرايا آهن.
آپريشن ۾ ڦاٿل درجنين ماڻهن کي اومان ايئر فورس جي هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان بچايو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.