وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، ايراني صدر پاران پاڪستان جي دوري جو اعلان

تهران( ويب ڊيسڪ) اسرائيل تي حملي سبب پيدا ٿيل صورتحال کانپوءِ ايران جَي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جَي دوري جو اعلان ڪيو آهي.
ابراهيم رئيسي وفد سان گڏ 22 اپريل تي اسلام آباد پهچندو، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
ايراني صدر جَي دوري جِي ايجنڊا جا تفصيل سامهون ناهن آيا پر وزيراعظم شهباز شريف جَي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو.
واضح رهي ته هلندڙ سال جِي شروعات ۾ ايران پاڪستاني علائقي ۾ ميزائل حملو ڪيو هو، جنهن تي پاڪستان سفارتي سرگرميون معطل ڪيون هيون.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سفارتي سرگرميون بحال ٿيڻ کانپوءِ گئس پائيپ لائن منصوبي تي به ڳالهيون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.