سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج گهرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج گهرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو،سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪچي ۾ فوج جي ضرورت پئي ته ان جي مدد به ورتي ويندي.
اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ايڪشن ٿيندو.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ امن امان لاءِ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيون آهن،نگران حڪومت جي دور ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي.
هن جو چوڻ هو ته سياسي حڪومت جي اچڻ کان پوءِ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي،سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين جي خلاف آپريشن جاري آهي .
سينيئر صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور مان 13 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي،جڏهن ته 6 ماڻهن کي هني ٽريپ جي ذريعي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪچي جي علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، جيڪي بهتر ڪم ڪري رهيون آهن
شرجيل انعام ميمڻ غيرقانوني پرڏيهين کي هڪ اهم ۽ وڏو مسئلو قرار ڏيندي چيو ڪراچي ۾ گرفتار ماڻهن ۾ وڏي انگ ۾ غيرقانوني پناهگير شامل آهن، 60 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ هڪ هفتي جي اندر 6 ڏوهاري مارجي ويا آهن، ڪراچي ۾ اپريل مهيني ۾ 104 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته راجا گينگ جي ستن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته منشيات جو مسئلو سنڌ سميت سڄي پاڪستان جوآهي،منشيات ۾ ڪرسٽل ۽ آئيس جي نشي جو آزار وڌي ويو آهي جيڪي انتھائي خطرناڪ آهن
سندس چوڻ هو ته سنڌ پوليس ۽ ايڪسائيز گڏيل طور منشيات خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن ،عيد کان پوءِ منشيات فروشن جي خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
ايڪسائيز واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ منشيات فروشن جون ٻه گينگز ختم ڪيون ويون آهن ،148 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي .
سينيئر صوبائي وزير چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون، ڊرگ مافيا کي ڪا به رعايت نه ملندي.
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ 19 اپريل کان پنڪ بسن جا ٻه نوان روٽس شروع ڪري رهيا آهيون،20 اپريل تي ميرپورخاص ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته ڪراچي لاءِ ييلو بس سروس به شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته فريال ٽالپر جي هدايتن تي پنڪ بسن جو انگ وڌائي رهيا آهيونم، جڏهن ته اورينج ۽ گرين لائن کي فري لنڪ ڪري رهيا آهيون.
اسان کي عوام جي ڳڻتي آهي، ايم ڪيو ايم کي عوام جي ڪا پرواهه نه آهي، عوام به ايم ڪيو ايم کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي ۽ عدالت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.