جان محمد مهر قتل ڪيس، جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ۽ ضمانت تي آزاد 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو .
جوابدارن مٿان 24 اپريل تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.
قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج عبدالرحمان قاضي موڪل تي هجڻ سبب ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن ماستر بشير مهر. شيرمحمد شيخ. محمد رمضان شيخ ۽ ضمانت تي آزاد ٽن جوابدارن بخشيل مهر. بابر مهر ۽ منور مهر مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي
وڪيل موجب جوابدارن تي 24 اپريل تي فرد جرم لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.