خيبرپختونخوا ۾ برسات جا هاڃا، 21 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برسات سبب 21 ڄڻا فوت ۽ 32 زخمي ٿي پيا آهن.
پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ 4 ڏينهن کان جاري برساتن سبب 21 ڄڻا فوت ۽ 32 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فوتين ۾ 9 ٻار ۽ 3 عورتون به شامل آهن.
ان کانسواءِ مختلف ضلعن ۾ ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ جا 330 واقعا پيش آيا، 53 گهر مڪمل ۽ 277 گهرن کي جزوي نقصان پهتو.
پي ڊي ايم اي موجب وڏي وزير جي هدايتن تي برسات متاثرن کي امدادي چيڪ ڏنا پيا وڃن ۽ امدادي سامان پڻ فراهم ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي موجب امدادي سامان ۾ 200 خيما، 100 ڪچن جا سيٽ، 200 ڪمبل شامل آهن، جڏهن ته متاثرن کي 100 چٽايون، 200 مڇر دانيون ۽ 200 گدا ۽ ٻيون روزمره جون شيون پڻ ڏنيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.