سي ٽي ڊي بلوچستان نوشڪي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ نوشڪي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ 9 مسافرن کي اغوا بعد قتل ڪيو ويو هو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر نوشڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسد الله مينگل جي فرياد تي نامعلوم هٿياربندن خلاف داخل ڪئي وئي.
ايف آءِ آر ۾ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 ۽ ٻيا قانون شامل ڪيا ويا آهن.
سي ٽي ڊي اهلڪارن به حملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي .
واضح رهي ته 12 اپريل تي ڪوئيٽا کان تافتان ويندڙ بس ۾ سوار 9 مسافرن جو تعلق پنجاب سان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.