بلوچستان: برساتن سبب متاثر علائقن ۾ اربن فلڊ ايمرجنسي لاڳو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند

بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڀاڳ ناڙي شهر کي ٻڏڻ جي خطري سبب رهواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.
بلوچستان جي ضلعي ڪچي ڀاڳ ناري حاجي شهر ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن
حاجي شهر ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿيڻ بعد حاجي شهر ٻڏي ويو.
موسميات کاتي موجب اولهه کان مون سون جي ٻي طاقتور لهر اڄ شام ايران کان بلوچستان ۾ داخل ٿيندي،اهو سلسلو اولهه بلوچستان ۽ ڏکڻ بلوچستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.
تفتان سينڊڪ نوڪنڊي، دالبندين، چاغي، نوشڪي ،واشڪ ،پنجگور گوادر، تربت جي آس پاس وارا علائقا شديد برسات جي لپيٽ ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.