پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين قرض پروگرام بابت ڳالهيون شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين قرض پروگرام بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته نئين معاهدي جو مقصد معاشي سڌارا آڻڻ آهي، 3 ارب ڊالر جو معاهدو ڪري ملڪ کي معاشي بحران ۽ ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو، هلندڙ مالي سال ملڪي معيشيت لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.
واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جو ٽي ارب ڊالر جو قرض پروگرام مڪمل ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ٽي ارب دالرن جي قرض جو مقصد ادائگين جي تسلسل کي مضبوط ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال دوران مارڪيٽ جي اعتماد ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هلندڙ مالي سال ملڪي معيشيت لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.
هن چيو ته هلندڙ واشنگٽن جي دوري دوران آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سپرنگ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندو.
سندس چوڻ هو ته هو آءِ ايم ايف کان ٽن سالن جو پروگرام حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن، چاهين ٿا ته معاشي پروگرام جي ڳالهه ٻولهه هاڪاري انداز سان اڳتي وڌي.
محمد اورنگزيب چيو ته پي آءِ اي کي خانگايو پيو وڃي، چين ۽ آمريڪا سان پاڪستان جي واپار ۾ توازن برقرار رکندا.
هن چيو ته آمريڪا سندن ترقياتي ڀائيوار آهي، واشنگٽن هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته چين سي پيڪ جهڙو عظيم الشان منصوبو بڻائي رهيو آهي، منصوبي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ايندي.
محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان وٽ ٻنهي ملڪن سان واپار وڌائڻ جا موقعا موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.