اٽلي جو ورڪ فرام هوم پروگرام، اپلاءِ ڪيئن ڪجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٽلي غير يورپي شھرين لاءِ ھڪ نئون ڊجيٽل نوماد Nomad ويزا پروگرام شروع ڪيو آھي، جيڪو گھران ويهي ڪم ڪندڙن کي ھڪ سال تائين اٽلي ۾ رھڻ جي اجازت ڏئي ٿو بعد ۾ اهو وڌائي به سگهجي ٿو.

هن پروگرام لاءِ درخواست ڏيندڙن جي گهٽ ۾ گهٽ 28,000 يورو جي سالياني آمدني هجڻ گهرجي ۽ لازمي طور تي 6 مهينا ڊجيٽل نوماڊ طور ڪم ڪرڻ جا ثبوت ۽ هيلٿ انشورنس جا تفصيل ڏيڻ گهرجن.

اهڙن ماڻهن کي اٽلي ۾ خاندان کي وٺي اچڻ جي اجازت به ڏني ويندي اهو فيصلو اٽلي جي حڪومت ڪندي.

اميدوار اٽلي جي سفارتخاني ۾ درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا انهن جي منظوري کانپوءِ وٽن 8 ڏينهن هوندا ان ئي دوران کين اٽلي ۾ درخواست ڏيڻي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.