فيض آباد ڌرڻو، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو انڪوائري ڪميشن کي ڏنل بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو فيض آباد ڌرڻو ڪميشن کي ڏنل بيان سامهون اچي ويو.
ليفٽننٽ جنرل (ر) فيض حميد ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ چيو ته 2017ع ۾ حڪومت وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي ذميواري ڏني هئي ۽ معاهدي تي صحيح انڪري ڪئي ڇو ته تحريڪ لبيڪ وارا معاهدي تي آرمي چيف جي صحيح چاهين پيا.
فيض حميد چيو ته معاهدي تي صحيح جي اجازت آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه ڏني هئي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه موجب، هن ڌرڻو منظم نه پر ختم ڪرايو هو جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي مالي معاملن جي جاچ ناهي ڪئي ڇو ته اِهو اسان جي مينڊيٽ ۾ نه هو.
ياد رهي ته فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏيندي پنجاب حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪميشن فيض حميد سان گڏ ڊي جي رينجزر پنجاب ميجر جنرل نويد اظهر حيات کي به آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.