ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ: ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان، بابر ۽ رضوان به شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ تحت ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز لاءِ پاڪستان جي 18 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي قيادت شان مسعود ڪندو، جڏهن ته ٽي نواَن رانديگر آصف آفريدي، فيصل اڪرم ۽ روهيل نذير به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ آل رائونڊر عامر جمال، عبدالله شفيق، ابرار احمد، بابراعظم، حسن علي، امام الحق، ڪامران غلام، خرم شهزاد، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل ۽ شاهين آفريدي به ٽيم جو حصو آهن.
واضح رهي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾، جڏهن ٻي ٽيسٽ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ڪرڪٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ان کانپوءِ شاهينن ۽ پروٽيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 28 آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين کيڏي ويندي، وائيٽ بال اسڪواڊز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
سيريز کان اڳ رانديگرن جي تربيتي ڪئمپ اڄ کان هيڊ ڪوچ اظهر محمود ۽ اين سي اي جي ڪوچز جي نگراني ۾ شروع ٿي وئي آهي، جيڪا 8 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، جڏهن ته ايشيا ڪپ کيڏندڙ رانديگر 4 آڪٽوبر تي اسڪواڊ جوائن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.