پاڪ فوج جو مُلڪي سطح تي تيار ڪيل فتح 4 ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج فتح 4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪري ورتو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ملڪ ۾ تيار ڪيل 750 ڪلوميٽر رينج رکندڙ فتح 4 ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.
اِها ميزائل جديد ايويانڪس ۽ نيويگيشنل اوزارن سان ليس آهي، جيڪو دشمن جي ميزائل ڊفينس سسٽم کي دوکو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ زميني سطح سان اُڏام ڪرڻ جي خاصيت پڻ رکي ٿو.
ان کانسواءِ ميزائل کي نهايت درستگي سان هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت حاصل آهي.
فتح 4 ميزائل آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جو حصو آهي، جيڪو پاڪستان آرمي جي ميزائل نظام جي رينج ۽ صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.
آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف جنرل اسٽاف، پاڪ فوج جا سينيئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز تجربي جو مشاهدو ڪيو.
صدر ، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس طرفان فتح 4 جي ڪامياب تربيتي تجربي تي شرڪت ڪندڙ دستن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.