ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لڳاتار واڌ کانپوءِ سون جو اگهه تاريخي سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3178 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 6778 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2725 رپيا اضافي سان 3 لک 48 هزار 746 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 37 ڊالر واڌ بعد 3855 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
You might also like