نائب وزيراعظم ” غزا معاهدي “ ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سياست لاءِ غزا معاهدي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، ڇا توهان ٿا چاهيو ته اتي معصوم شهري جو رت وهندو رهي؟
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان 8 مسلم ملڪن جي سربراهن جي ملاقات جو مقصد غزا ۾ امن قائم ڪرائڻ هو.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف غزا ۾ امن قائم ڪرڻ بابت واضح هو ، اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڃڻ کان اڳ ئي غزا واري معاملي تي مسلم ملڪن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا هئا.
پاڪستان سميت 8 مسلم ملڪن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن طريقي سان غزا ۾ امن آڻي سگهجي.
آمريڪي صدر سان ملاقات کان اڳ 8 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن جي ايجنڊا ۾ غزا ۾ ترت جنگبندي جي ڪوشش، رتوڇاڻ جو سلسلو روڪڻ، غزا پٽي ۾ امداد پهچائڻ جهڙا قدم شامل هئا.
ان کانسواءِ غزا جي شهرين جي علائقن جي لڏپلاڻ روڪڻ، جيڪي اڳ ئي علائقو ڇڏي ويا آهن انهن کي واپس آڻڻ، تباهه ٿيل غزا پٽي جي بحالي کي ممڪن بڻائڻ ۽ ويسٽ بئنڪ تي اسرائيلي قبضي واري رٿا کي روڪڻ به ان ايجنڊا جو حصو هو.
هن وڌيڪ چيو ته انهن گڏجاڻين ۾ پيپر ورڪ هارڊ ڪاپيز جي ذريعي ٿي رهيو هو، پيغام رسائيندڙ اِها معلومات هڪٻئي کي پهچائي رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.