لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پرڏيهي ليگز لاءِ قومي رانديگرن جا اين او سي معطل ڪري ڇڏيا، جن ۾ بابراعظم، شاهين شاهه آفريدي سميت ٻيا وڏا نالا به شامل آهن.
پي سي بي غير ملڪي ليگز لاءِ جاري ڪيل اين او سي کي هولڊ تي رکيو آهي.
پي سي بي جي سي او او سيد سمير احمد طرفان اين او سي معطل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اين او سي معطلي جو فيصلو ايشيا ڪپ فائنل ۾ شڪست کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪيو ويو.
اين او سي معطلي سبب پاڪستان جا ٽاپ ڪرڪٽر متاثر ٿيندا.
ياد رهي ته پي سي بي بابراعظم، شاهين آفريدي، حارث رئوف، محمد رضوان، شاداب خان ۽ فهيم اشرف کي بگ بيش ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪيو هو.
قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابراعظم پهرين ڀيرو بگ بيش ليگ فرنچائز سڊني سڪسرز سان معاهدو ڪيو هو.
بابراعظم جو آسٽريلوي بگ بيش ليگ جي فرنچائز مڪمل سيزن جو معاهدو ٿيو هو، جنهن جي تصديق فرنچائز به ڪئي هئي.
You might also like