اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نظير پيپلزپارٽي جي ميمبرن کان معافي وٺي ڇڏي.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير چيوته جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معذرت ٿو ڪريان.
هن چيو ته سياست ۾ گرماگرمي ٿيندي رهندي آهي، اپوزيشن خوش نه ٿئي، هي گهر جو معاملو آهي، جيڪو گهر ۾ ئي حل ٿي ويندو.
واضح رهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ کانپوءِ پ پ پ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو هو ته متاثرن جي مدد لاءِ عالمي امداد جي اپيل ڪئي وڃي، ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، آصفه ڀٽو زرداري، شازيه مري سميت ڪيئي اڳواڻ به ان سلسلي ۾ بيان ڏئي چڪا آهن، پر مريم نواز گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي پ پ قيادت جي اهڙن مطالبن تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي.
مريم نواز جو چوڻ هو ته مون کي عوام جي خدمت لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي ۽ هر شيءِ جو علاج رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ناهي، پنڻ جو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجن حقن لاءِ وڙهي ٿو ته ٻين کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي ؟ جيڪڏهن پنجاب پنهنجي حصي مان ڪئنال ڪڍڻ چاهي ٿو ته ٻين کي مسئلو ڇو آهي؟
هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثرن جي مدد تي اعتراض نه واريو وڃي، پنجاب جي عوام کي سندن جو حق ڏيڻ لاءِ ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي.