ڪئناڊا ۾ ڀارتين کي نشانو بڻائيندڙ بشنوئي گينگ” دهشتگرد تنظيم“ قرار

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)ڪئناڊا ڀارت جي بشنوئي گينگ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت کي ان گروهه جي ملڪيت ۽ رقم کي ضبط يا منجمد ڪرڻ اختيار حاصل ٿي ويو آهي .
ان ڏس ۾ ڪئناڊا جي عوامي تحفظ بابت وفاقي وزير سومر ڏينهن اعلان ڪيو ۽ چيو ته اِها تنطيم ڪئناڊا ۾ رهندڙ ڀارتي ڪميونٽي ۾ ڊپ ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي.
گذريل سال ڪينيڊين پوليس الزام لڳايو هو ته ڀارتي سرڪار جا ايجنٽ بشنوئي گينگ جي ميمبرن کي قتل، ڀتا خوري ۽ تشدد جهڙين ڪارروائين لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اِهي ڪارروائيون خالصتان تحريڪ جي حامين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن.
ڀارت ان وقت الزامن جي ترديد ڪئي ۽ چيو هو ته ڪينيڊين اختيارين ان سلسلي ۾ ڪو ثبوت فراهم ناهي ڪيو.
هن نئين اعلان جي نتيجي ۾ نه رڳو حڪومت کي ملڪيت ۽ رقم منجمد ڪرڻ جو اختيار ملندو، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دهشتگردي سان لاڳاپيل ڏوهه جهڙوڪ مالي مدد، سفر ۽ ڀرتي تي ڪارروائي جو اختيار پڻ حاصل هوندو،
ڪئناڊا جي عوامي تحفظ بابت وزير آنند سانگري هڪ بيان ۾ چيو ته بشنوئي گينگ مخصوص برادرين کي دهشت، تشدد ۽ ڌمڪين جو نشانو بڻايو آهي، ان گروهه کي دهشتگرد قرار ڏيڻ سان اسان کي سندن مجرماڻي سرگرمين خلاف وڌيڪ اثرائتا ۽ طاقتور قدم کڻڻ جو موقعو ملندو.
ڪئناڊا بشنوئي گينگ کي هڪ بين الاقوامي ڏوهاري تنظيم قرار ڏنو آهي، جيڪا ڀارت سان تعلق رکندڙ گينگسٽر لارنس بشنوئي هلائي رهيو آهي، جيڪو گذريل ڏهن سالن کان جيل ۾ آهي.
ڪينيڊين اختيارين جو چوڻ آهي ته اِها گينگ سندن جي ملڪ ۾ موجود آهي ۽ انهن علائقن ۾ فعال آهي جتي وڏي انگ ڀارت ڄاوا شهري آباد آهن.
ڀارت ۾ جاچ ادارا دعويٰ ڪن ٿا ته بشنوئي هڪ اهڙي گينگ ڪنٽرول ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اٽڪل ست سئو ميمبر شامل آهن، اِهو گروهه مشهور شخصيتن کان ڀتو وٺڻ، منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ، ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي.
ڪنينڊين سرڪار اِهو قدم مخالف ڌر پارٽين ۽ البرٽا ۽ برٽش ڪولمبيا جي وزيرن جي دٻاءَ کانپوءِ کنيو ويو، جن چيو هو ته ان تنظيم خلاف مختلف پابنديون لڳائڻ لاءِ ان ” دهشتگرد“ قرار ڏيڻ ضروري آهي.
اِهو فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻئي ملڪ 2023ع ۾ وئنڪوور ويجهو سِک علحدگي پسند ڳواڻ هرديپ سنگھه نجر جي قتل کانپوءِ تڪراري لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
ان
واضح رهي ته ان واقعي جي ڪجهه عرصي بعد تڏوهي ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ڀارتي حڪومت تي سک اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو الزام مڙهيو هو.
ياد رهي ته ڀارت هرديپ سنگهه نجر کي 2020 ۾ دهشتگرد قرار ڏنو ۽ کيس ٻن هٿياربندن ڪئناڊا ۾ هڪ سک عبادتگاهه جي ٻاهران قتل ڪيو، سندس قتل جي الزام ۾ چئن ڄڻن خلاف ڪيس هلي رهيو آهي.
ان تڪرار کانپوءِ اگسٽ ۾ ٻنهي ملڪن نوان هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيا آهن.
گذريل هفتي وزيراعظم مارڪ ڪارني جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار اوٽاوا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڀارت ڪئناڊا سان جاري جاچ ۾سهڪار جي پَڪ ڏياري آهي.
صلاحڪار نيٿالي ڊروئن چيو ته هن ويجهڙ ڀارتي عملدارن سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ، خاص طور تي سرحد پار دٻاءَ يا جبر کان بچڻ تي اتفاق ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.