” سعودي سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو“ وزيراعظم سيڙپڪاري وڌائڻ تي سعودي قيادت جو ٿورائتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي
ملاقات دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اسحاق ڊار سميت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سمورن وزيرن پنهنجي وزارتن جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني.
سعودي وفد کي ٽرانسميشن لائينز، سولر منصوبن ۽ مائننگ منصوبن ۾ سيڙپڪاري بابت به تجويزون ڏنيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.