ارسا جو ٽه رخو فارمولو رد، ڪپهه جو امدادي اگهه 10 کان 11 هزار رپيا في مڻ ڪريو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق کان ڪپهه جو نئون امدادي اگهه 10 کان 11 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر مطالبو ڪنديچيو آھي ته وفاقي حڪومت ڪپهه جو امدادي اگهه 10 کان 11 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري, فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب آبادگار ڪپهه جي پوک نه ڪري رهيا آهن. هن سال سنڌ ۾ڪپهه جي فصل جو هدف 6 لک 40 هزارهيڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. زراعت واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين 20 سيڪڙو ڪپھ جي پوکي ٿي چڪي آھي, آبادگارن کي اگھ نه ملڻ سبب سنڌ جا هاري سخت پريشاني جو شڪار آهي, مهانگي ڀاڻ، ٻج، پيٽرول مصنوعات۽ زرعي دوائن هارين جا خرچ وڌائي ڇڏيا آهن. سردارمحمد بخش مھر جو چوڻ ھو ته آبادگارن کي گذريل سيزن ۾ ڪپهه جو صحيح اگهه نه مليو هو ته هن ڀيري فصل ڪيئن تيار ڪندا؟،هاري کي سٺو اگهه ملندو ته ڪپهه پوکيندو، ڪپهه ملڪ جي ٽيڪسٽائيل صنعت جي ضرورت آهي.زراعت واري وزير جو چوڻ ھو ته آڳاٽي خريف جي موسم ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي نه مليو ته ڪپهه۽ چانورن سميت زرعي جنسن جا فصل گھٽ لڳڻ جوانديشو آھي,ارسا جي 3 رُخي فارمولي تحت سنڌ کي پاڻي ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.