95 سال پراڻو چائلڊ ميريج ايڪٽ رد، قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو حڪم

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ 95 سال پراڻي چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929 ۾ ترميم جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929 تحت ڇوڪري جي شادي جي عمر 18 سال ۽ ڇوڪريءَ لاءِ 16 سال آهي، جنهن تي عدالت ٻنهي جي عمر ۾ فرق جي شق کي رد ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم 5 صفحن تي ٻڌل لکيل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ننڍي عمر جي شادين خلاف اثرائتو قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، ڪنهن به شهري سان ٻٽو  سلوڪ نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929ع ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي عمر جو فرق آهي، جنهن ڪري عدالتي فيصلي جي روشني ۾ حڪومت کي 15 ڏينهن ۾ چائلڊ ميريج ايڪٽ ۾ ترميم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.