حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر 4 رپيا 53 پئسا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا 14 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، ناڻي  واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،پيٽرول جي نئين قيمت 293 رپيا 94 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي جڏهن ته ڊيزل جو  اگهه 290 رپيا 38 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي، پيٽروليم اسمن جا نوان رات 12 وڳي کان ئي لاڳو ٿي ويا،ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 15 ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي ٻئي پاسي مهانگائي سٽيل عوام کي رليف جو ڪٿان به امڪان نظر نه پيو اچي، واضح رهي ته ايران اسرائيل تڪرار جي پس منظر ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.