ايران-اسرائيل جنگ جا اثر سڄي دنيا تي پوندا: خواجا آصف

اسلام آباد ( م ڊ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ايران جو اسرائيل تي حملو هڪ علامتي رد عمل ۽ سوچيل سمجهيل  حملو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جي دفاعي تنصيبات جي ڄاڻ ايران کي ملي آهي، جنهن سان اسرائيلي جي سڄي ميپنگ ٿي وئي آهي. خانگي ميڊيا چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ته جيڪڏهن اسرائيل ايران خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي ته اسرائيل کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، پاڪستان تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ ناهي. پاڪستان فلسطنين سان گڏ بيٺل آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته اسرائيل خودمختار ملڪ جي سفارتخاني تي حملو ڪيو، ان حملي ۾ ايران جو سينيئر فوجي آفيسر شهيد ٿيو، ايران کي جواب ڏيڻ جو حق آهي، اسرائيل طرفان ايراني سفارتخاني تي حملو کليل خلاف ورزي آهي. خواجا آصف چيو ته هن جنگ جا اثر سڄي دنيا تي پوندا، جيڪي وڏا ملڪ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيا آهن، اها باهه انهن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي، هن جنگ جا اثر پاڪستان تي به پوندا، پاڪستان فلسطين جي آزادي لاءِ دعاڳو ۽ حمايتي آهي. هن چيو ته فلسطينين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، هڪ ڏينهن ضرور هنن کي آزادي ملندي.

  1. ڪو به فلسطيني يتيم ٻار پاڪستان ناهي آيو، خبرون ڪوڙيون آهن: فلسطيني سفارتخانو

اسلام آباد ( م ڊ ) فلسطيني سفارتخاني سوشل ميڊيا تي 3 هزار فلسطيني يتيم ٻارن کي گود وٺڻ جي خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو  آهي. ان حوالي سان فلسطيني سفارتخاني جي ترجمان جو چوڻ هو ته فلسطيني سفارتخانو اهڙي خبر جي مذمت ڪري ٿو. فلسطيني سفارتخاني جي ترجمان موجب، فلسطين جي پاليسي موجب، فلسطيني يتيم ٻارن جي ڪفالت فلسطين جي رياست جي اندر هجڻ گهرجي. رياست کان ٻاهر فلسطيني يتيمن جي ڪفالت  جي اجازت ناهي. ترجمان چيو ته اسان تصديق ڪريون ٿا ته ڪو به فلسطيني يتيم پاڪستان نه آيو آهي.

  1. بلوچستان جي شاهراهن تي چيڪ پوسٽون بحال ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا ( م ڊ ) نوشڪي ۾ افسوسناڪ واقعي تي ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي شاهراهن تي چيڪ پوسٽون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سرفراز بگٽي چيو ته سمورن رستن ۽ مسافرن جي حفاظت ڪئي ويندي، شهيدن جي رت جو بدلو ورتو ويندو، رياست جي رٽ کي هر حال ۾ مڃرايو ويندو. سرفراز بگٽي چيو ته حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي پر بيگناهه ماڻهن جو رت وهڻ نه ڏينداسين ، اسان ٻيهر پنهنجي سيڪيورٽي پلان جو جائزو وٺنداسين. سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته جتي ايف سي ، ليويز جي پئٽرولنگ جي ضرورت ٿيندي ڪنداسين، اسان دهشتگردن کي بخش نه ڪنداسين، دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي. اپوزيشن جي آئين جي تحفظ لاءِ تحريڪ انصاف بلوچستان جي حوالي سان چيو ته مخالف ڌر جو احتجاج ڇا آهي؟ جيڪي ماڻهو اليڪشن هاري انهن کي لاڳاپيل فورمن تي وڃڻ گهرجي، بلوچستان جا ماڻهو هر وقت جلسا ۽ جلوس برداشت نٿا ڪري سگهن. سرفراز بگٽي چيو ته جيستائين پرامن احتجاج جاري رهندو، تيستائين توهان جي پيرن تي ويهندا، جڏهن روڊ بلاڪ ٿيندا ته حڪومت پنهنجو رستو اختيار ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.