بهاول نگر واقعو وڌائي پيش ڪيو ويو، سوشل ميڊيا بابت سخت قانون جي ضرورت آهي: محسن نقوي

لاهور(م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته شڪ آهي ته ڀارتي دهشتگرد دربجيت سنگهه تي حملي ۾ ملوث عامر تانبا تي فائرنگ جي واقعي ۾ ڀارت جي ملوث آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته عامر تانبا تي فائرنگ واري واقعي جي پوليس جاچ ڪري رهي آهي پر هنيئر تائين پوليس جو شڪ ڀارت تي وڃي رهيو آهي ڇو ته عامر تانبا کان اڳ به قتل جي چئن واقعن ۾ ڀارت ملوث هو. مڪمل جاچ کان اڳ ڪجهه به چوڻ صحيح ناهي پر ڀارت جو اهڙو ئي پيٽرن رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته بجليءَ جي قيمت تمام گهڻي آهي، اسان جو اجلاس به اوور بلنگ تي هو، ايف آءِ اي لاهور ان حوالي سان ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي، ليسڪو ۾ 83 ڪروڙ يونٽ اوور بلنگ ٿي. بهاولنگر واقعي بابت سوال تي وفاقي گهرو وزير چيو ته هڪ واقعي کي بنياد بڻائي چيو وڃي ته قوم جو حوصلو ٽٽي ويو آهي ته اِهو صحيح ناهي، واقعو ضرور ٿيو آهي، جاچ به ٿي رهي آهي، گهر ۾ ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿيندو آهي، اهڙي شئي ناهي جو چئون ته سموري فورس ڊي مورلائيز ٿي وئي آهي. ڀارت ۾ اهڙو واقعو ٿيو آهي، اسان هتان واري واقعي کي ايڏو وڏو بڻائي ڇڏيو، ڀارت جو رويو ڏسو ۽ پنهنجو عمل ڏسو، اسان کي ان تي ٿورو سبق سکڻ گهرجي. محسن نقوي چيو ته سوشل ميڊيا سائبر ڪرائم بابت قانون سازي جي حق ۾ آهيون، برطانيا يا گڏيل عرب رياستن ۾ ڪو ڪنهن جي خلاف ٽوئيٽ ڪري ڏيکاري، ان کانپوءِ ساڻس جيڪو حشر ٿيندو آهي اِهو به ڏسو. سندس چوڻ هوته پاڪستان ۾ اظهار جي آزاديءَ جو حق هئڻ گهرجي، پر قانون به هئڻ گهرجي، ان حوالي سان اسان کي سخت قانونن جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.