افغانستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 33 ڄڻا فوت،مواصلاتي نظام درهم برهم

ڪابل ( م ڊ ) افغانستان جي 20 صوبن ۾ طوفاني برساتن سبب 33 ڄڻا فوت ٿي ويا، افغانستان جي راڄڌاني ڪابل سميت 20 صوبن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 33 ڄڻا فوت ٿي ويا.افغان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ موجب افغانستان جي راڄڌاني ڪابل سميت ٻين علائقن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۾ 33 ڄڻا فوت ۽ 27 زخمي ٿي پيا آهن.افغان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل 3 ڏينهن کان جاري برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڇتون ڪرڻ سبب ٿيون آهن.افغان اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ اٽڪل 600 گهر جزوي يا مڪمل طور تباهه ٿي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويا، ان کان علاوه 85 ڪلوميٽر روڊ رستا ٻڏي ويا ۽ اٽڪل 2 هزار ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وئي آهي .  ٻئي طرف افغان ميڊيا موجب موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.