ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن جي تباهي، وڌيڪ 13 ماڻهو فوت

پشاور/ڪوئيٽا (م ڊ) خيبرپختونخواه جي مختلف علائقن ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن   ته وزيراعظم شهباز شريف سخت برساتن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ برساتن دوران ڏکڻ ٽانڪ ضلعي ۾ وزيرستان کان ايندڙ مسافر پڪ اپ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي طرح لوئر دير ضلعي جي اترين علائقن ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي. باجوڙ ضلعي ۾ ڪمري جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڇوڪريون دٻجي فوت ٿي ويون. لوئر ڪوهستان ضلعي ۾ دبير ڊيم ڀرسان علائقن ۾ درياهه ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري ڀر وارن علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. خيبر ضلعي ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا دٻجي زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف چترال جي مختلف علائقن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب روڊن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته چترال ۽ ڀرپاسي جي جبلن تي برفباري پڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪي پي ۾ برساتن جو هڪ ٻيو دور اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 21 اپريل تائين جاري رهندو. ٻئي طرف بلوچستان صوبي ۾ پڻ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ تعليمي ادارا ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 12 اپريل کان جاري برساتن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن مان 5 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب حياتيون وڃائي ويٺا. پي ڊي ايم اي اختيارين موجب ڊيرا بگٽي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2، سوراب ۾ 2 جڏهن ته پشين ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. لورالائي ۽ ڪيچ ۾ گهرن جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب صوبي جا 7 ضلعا تازو برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ڪوئيٽا ۾ تيز برساتن سبب اربن فلڊنگ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. سمورن آفيسرن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.