لاهور(م ڊ)مري ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ خاص اجلاس ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ موت جي سزا لاءِ قانون سازي جو فيصلو ڪيو ويو.پڌرائي موجب اجلاس ۾ آءِ جي پنجاب صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني.منظم ۽ سائبر ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسپيشل يونٽ ۽ آءِ ٽي ٽريننگ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ غير پيشيواراڻي رويي جي نشاندهي لاءِ اسپيشل آڊٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڏوهارين سان ملي ڀڳت ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ اسپيشل ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو. .