نوشڪي ۾ قتل ٿيلن جا مڙهه پنجاب روانا، دهشت گردي جو مڪمل خاتمو آڻينداسين

نوشڪي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ 9 ڄڻن سميت 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا. نوشڪي جي ڊپٽي ڪمشنر حبيب الله موسيٰ خيل موجب 12 اپريل جي رات 10 کان 12 هٿياربندن نوشڪي تفتان هاءِ وي تي سلطان چالچئي ويجهو ناڪابندي ڪري مختلف گاڏين جي چيڪنگ ڪندا رهيا. ڊي سي مطابق هٿياربند تفتان ويندڙ بس کي روڪي مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد 9 مسافرن کي اغوا ڪري ويا. اغوا ٿيل مسافرن جو تعلق پنجاب سان هو. اطلاع ملڻ تي پوليس، ليويز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ڳولا کانپوءِ واقعي واري هنڌ پل جي هيٺان 9 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا. جن کي ڪوئيٽا جي سول اسپتال پهچايو ويو. اسپتال جي ايم ايس موجب سمورن ماڻهن کي گوليون لڳل هيون. پوسٽ مارٽم کانپوءِ مقتولن جا لاش سندن اباڻي علائقن ڏانهن موڪليا ويا. هن چيو ته مسافرن کي مٿي ۽ سيني سميت جسم جي مختلف حصن ۾ گوليون لڳيون هيون. مارجي ويل مسافر تفتان کان ايران وڃي رهيا هئا. واقعي ۾ مارجي ويل 6 ڄڻن جو تعلق منڊي بهاءُ الدين جي علائقي چڪ فتح شاهه سان هو. سڀئي غريب ۽ محنتي نوجوان هئا، جن پنهنجي گهرڀاتين سان آخري ڀيرو خميس جي شام فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڇوڪرن پنهنجي گهرڀاتين کي ٻڌايو هو ته اهي ماڻهو ڪنهن به وقت ايران ويندا ۽ اتي پهچڻ بعد رابطو ڪندا. چڪ فتح شاهه جا 7 ڇوڪرا 27 رمضان المبارڪ تي ايران وڃڻ لاءِ پنهنجا گهر ڇڏي ويا هئا، جن مان صرف هڪ جيئرو آهي. بچي ويل زاهد عمران مسافر بس تي حملي جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ بس ۾ موجود هو. هن جو چوڻ هو ته هو بس ۾ سمهي رهيو هو ته اوچتو آواز آيو. سڀ پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ڪڍن ۽ جيڪي پنجابي آهن اهي ٻاهر اچن، ٻيا 3 مقتول گوجرانوالا جا رهواسي هئا. ان کان علاوه ايس ايڇ او نوشڪي ٻڌايو ته ساڳئي رات هڪ ٻئي واقعي ۾ ناڪابندي دوران هٿياربندن صوبائي اسيمبلي ميمبر غلام دستگير باديني جي ڀاءُ جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي. ٽائر ڦاٽڻ سبب گاڏي اونڌي ٿي وئي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته غلام دستگير جي ڀاءُ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف نوشڪي ۾ بس مسافرن جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪندي مقتولن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري سزا ضرور ڏني ويندي. دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙان پٽي ختم ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ واقعي جي مذمت ڪندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته قائداعظم جي پاڪستان ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعي جي ڪا به گنجائش ناهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو. پنجاب جي وزيراعلي’ مريم نواز به واقعي جي مذمت ڪندي سوڳوار خاندانن سان  تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني هڪ قوم آهن ۽ هڪ ئي رهندا، نفرت پکيڙڻ وارن جو نالو به نه رهندو.

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته  نوشڪي ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ قوم جا خير خواهه ناهن، دهشت گردن جي خاتمي تائين ڪم جاري رکنداسين. آصف علي زرداري مارجي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوشڪي ۾ افسوسناڪ واقعي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن جي قاتلن کي سخت سزا ڏني ويندي. بلوچستان ۾ رت وهائڻ وارا صوبي جي ترقي جا دشمن آهن.

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم پرستي  جي نالي دهشت گردي ٿي رهي آهي،شهيدن جي مقدس خون جو بدلو ورتو ويندو ۽ رياست پنهنجي پوري طاقت سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ تي اسان کي ڳالهين تي ڪو اعتراض ناهي،پر رياست جي رٽ قائم ڪرڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير مسافرن جي اغوا بعد قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هڪ بلوچ جي حيثيت ۾ مون کي شرمساري آهي ته بلوچ تاريخ ۾ قوميت جي بنياد تي اهڙي ريت پاڙيسرين ۽ مسافرن کي قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ لڙي ويندي. هن چيو ته عليحدگي پسندن جي مطالبن سبب هٽايل ايف سي چوڪيون بحال ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.