پنجاب ۽ بلوچستان ۾ طوفاني برسات، 24 ماڻهو فوت

لاهور/ڪوئيٽا (م ڊ) پنجاب ۽ بلوچستان ۾ طوفاني برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 24 ٿي  ويو آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گجگوڙ سان برسات پئي، جنهن  دوران ڏکڻ پنجاب ۾ 16 ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 8 فوتگيون ٿيون آهن. اٽڪ ۾ پوليس اسٽيشن تي ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي شادي جي سالگرهه جي تقريب دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب جوڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. رحيم يار خان ۾ 7، جڏهن ته بهاولنگر، بهاولپور ۽ لوڌران ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب رحيم يار خان جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ ٽن هنڌن تي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻن ٻارن ۽ زال، مڙس سميت7 ڄڻا فوت ٿي ويا. مڙس ۽ زال ڪڻڪ پوکي رهيا هئا ۽ ٻار راند ڪري رهيا هئا ته انهن کي ڪرنٽ لڳو. بهاولپور ۾ به بجلي بند ٿيڻ سبب هڪ عورت ۽ 8 ورهين جي ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. لوڌران ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. بهاولنگر جي علائقي فقيرالي ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب بجلي جو ڪرنٽ موٽرسائيڪل سوار خاندان کي لڳو، فوتين ۾ پيءُ ۽ ٻه پٽ شامل هئا، جڏھن ته ماءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا. هوڏانهن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. چمن ۽ سوراب ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2، جڏهن ته قلعه عبدالله، مسلم باغ، پشين ۽ ڊيرا بگٽي ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي آهي. صوبي ۾ تيز برسات ۽ گجگوڙ جو سلسلو جاري آهي، ٽوبه اچڪزئي ۾ جبل جي ريل ۾ گاڏي ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو. درياهن ۾ ٻوڏ اچي رهي آهي. چمن ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به بجلي جي فراهمي معطل رهي. ٿڌ سبب انب، چيري، بادام ۽ زردالن جي باغن کي نقصان پهتو. هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب صوبي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سمورن قدرتي نيڪال جي نالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب، ۽ بلوچستان کانسواءِ ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ پڻ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب درياهن ۾ ٻوڏ ۽ جبلن جي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي. برساتن سبب چترال کان پشاور روڊ مختلف هنڌن تي ٻوڏ اچڻ سبب هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سياحن ۽ مسافرن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. ياد رهي ته موسميات کاتي 12 کان 15 اپريل تائين ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواه، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.