آئين ٽوڙيندڙ جنرلن کان ڪير نٿو پڇي،عوام جي طاقت سان انقلاب آڻينداسين: محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ)پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ايم پي) جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محمود خان اچڪزئي مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس پارٽي جي ٻين ميمبرن خلاف ڪيس واپس ورتا وڃن،پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڪيس ختم ڪيا وڃن،پشين ۾ مخالف ڌر جي اتحاد جي جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته  هي اتحاد حڪومت جي خاتمي لاءِ ناهي پر آئين جي بالادستي لاءِ آهي،ماڻهن کي هتي قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي گولي هنئي وڃي ٿي پر آئين جي پائمالي تي جنرلن کان ڪير نٿو پڇي، حالانڪه آئين جي پائمالي سڀ کان وڏي غداري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي تسليم ڪرڻي پوندي،جيڪو به جنرل، جج، صحافي يا ڪو ٻيو ان کي تسليم نه ڪندو ته اسان ان کي مرده باد چونداسين، اسان ڪنهن به سويلين يا فوجي اداري جي سربراهه جي مدي ۾ واڌ کي تسليم نه ڪنداسين، هن چيو ته هتي ڪو به ڪنهن جو غلام يا آقا ناهي، اسان سڀ برابر آهيون، اسان کي عوام جي طاقت سان انقلاب آڻڻو آهي.جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته عمران خان کي جيل ۾ 8 مهينا ٿي ويا آهن، اسان جو انصاف جو نظام سڙي چڪو آهي، جلد پنجاب ۾ به احتجاج شروع ڪنداسين، هي تاريخي لمحو آهن ۽ تاريخ بهادرن ۽ بزدلن کي نه وساريندي آهي.بلوچستان عوامي پارٽي (بي اين پي) مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل جو چوڻ آهي ته هو مرڪز ۾ ٺهندڙ حڪومت کي پاڪستان جي حڪومت نٿا سمجهون، هي حڪومت فارم 47 ۽ اليڪشن ڪميشن جي حڪومت آهي.هن چيو ته ڪڪڙ چور ۽ موٽرسائيڪل چور کي پڪڙي سگهو ٿا پر ملڪ جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪندڙن کي ڇو نٿو پڪڙيو وڃي، بلوچستان ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو جن کي تڪ وارا به نٿا سڃاڻين، سردار اختر مينگل چيو ته ملڪ جو عوام اڄ به بدحال، بيروزگار ۽ هڪ وقت جي ماني لاءِ ترسي رهيو آهي، رشوت کانسواءِ روزگار نٿو ڏنو وڃي.برسات ۽ طوفان هن جلسي ۾ ماڻهن کي اچڻ کان نه روڪي سگهيا ته حڪومت ڪيئن روڪي سگهي ٿي عمر ايوب خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پشين جي راهه ۾ رنڊڪون وجهي ڇڏيون آهن، عوام اڳتي اچي تحريڪ کي ڪامياب ڪري، عوام جي طاقت آڏو ڪير به بيهي نٿو سگهي، حامد رضا چيو ته  8 فيبروري تي ثابت ٿي ويو ته عوام پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو، هاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن کي گم ڪرڻ جي گنجائش ناهي.جلسي ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چونڊ نتيجا مرتب ڪري سڄي ملڪ ۾ فام 45 تحت اعلان ڪيو وڃي. پاڪستان جا سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن.قرارداد ۾ چيو ويو ته ملڪ جا سمورا ادارا عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي تابع هئڻ گهرجن،سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.