ڳڙهي خدابخش ۾ اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي سلسلي ۾ جلسو رٿيل

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزار ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي پوليس ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته  هو 14 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ عوامي جلسي لاءِ سڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا مناسب انتظام ڪيا وڃن. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ۽ چيف ميٽرولجسٽ سرفراز خان شرڪت ڪئي. گهرو وزير ضياءَ لنجار، آبپاشي وزير ڄام خان شورو، ڪمشنر لاڙڪاڻو مصطفيٰ پٺاڻ ۽ پيپلز پارٽي جي خير محمد شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾  شرڪت ڪئي. وڏي وزير لاڙڪاڻي جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مزار تي واڪ ٿرو گيٽس جو تعداد 40 مان وڌائي 56 ڪيو وڃي مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ضلعي جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو جلسي دوران بجليءَ جي بلا تعطل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حيسڪو سان رابطو ڪري. بيڪ اپ پاور کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسٽينڊ بائي جنريٽر جو بندوبست ڪيو وڃي. آءِ جي پوليس وڏي وزير کي سڪيورٽي انتظامن ۽ ٽريفڪ جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.