6ججن جي خط وارو معاملو: نوازشريف پاران ڌر بڻجڻ جو فيصلو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) 6 ججن جو خط ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، نوازشريف اعلان ڪيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ مداخلت جو زنده مثال مان پاڻ آهيان،بيگناهه هئڻ باوجود عدالت ۾ مان گناهگار ثابت ٿيو آهيان، نوازشريف 6 ججن جي خط واري معاملي تي ڌر بڻجڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهي،نوازشريف جو خيال آهي ته ججن تي اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسين جو دٻاءُ آهي ته مون کي ٻڌڻ کان بغير،منهنجي گواهن جي پڙهڻ کان بغير توهان ڪنهن نتيجي تي نٿا پهچي سگهو،نوازشريف جي ضمانت درخواستن کي ٻن ٻن سالن تائين التوا ۾ رکيو ويو، نوازشريف جو عدالت ۾ وڃڻ ان وقت جي عدليه جي اهم شخصيتن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇو ته نوازشريف جي ڪيسن ۾ جيڪڏهن عدليه تي  دٻاءُ جائز هو ته هن وقت اهو ناجائز ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟جڏهن ته  نوازشريف شهبازشريف کان ن ليگ جي صدر طور استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي، هاڻي نوازشريف پارٽي پاڻ سنڀاليندو،جڏهن ته نوازشريف صحافين کي ٻڌايو آهي ته هي هٿ پير ٻڌل حڪومت آهي، اسان ته نوزل آهيون،مون کي گهڻو اڳ خبر پئجي وئي هئي ته بندوبست ٿي چڪو آهي ۽ مان وزيراعظم نه ٿيندس، هڪ سوال جي جواب ۾ نوازشريف چيو ته مان عوام وٽ ڇا کڻي وڃان؟ ڪهڙي ڪارڪردگي آهي؟ مهانگائي ۽ بجلي گئس جي قيمتن کي هيٺ آڻڻ لاءِ شهبازشريف کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ن ليگ لاءِ به مشڪلات وڌندي،نوازشريف کان سوال ڪيو ويو ته توهان هن ڀيري رمضان ۾ سعودي عرب ڇو نه ويا؟ جنهن تي نوازشريف جواب ڏنو ته ڇا  مان شهبازشريف سان گڏ سعودي عرب ويندي سٺو لڳان ٿو؟ ان طرح وڃڻ مناسب ناهي،صحافي موجب نوازشريف موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي مان خوش ناهي، هن سادي اڪثريت نه ملڻ تي وزيراعظم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو،6 ججن جي خط جي معاملي تي نوازشريف قانوني ٽيم سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، نوازشريف عدالت پاران ڏنل نااهلي واري سزا وسارڻ لاءِ تيار ناهي، هو سمجهي ٿو ته هن سان زيادتيون ڪيون ويون، نوازشريف چاهي ٿو ته 6 ججن جي خط جي جاچ کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان مستقبل ۾ ڪنهن به حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ کي عدليه جي معاملن ۾ مداخلت جا امڪان ختم ٿي وڃن،نوازشريف پنهنجي پٽيشن ۾ 2017ع جي سازش جي به جاچ چاهي ٿو ان حوالي سان جسٽس شوڪت عزيز صديقي جا بيان رڪارڊ جو حصو بڻيل آهن،شوڪت عزيز صديقي ماضي ۾ آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل(ر) فيض حميد تي الزام هنيا هئا، انهن ڪردارن خلاف ڪارروائي ضروري آهي، نوازشريف کي جيل ۾ رکڻ لاءِ  ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيل جسٽس اطهر من الله  ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو هو ،هوڏانهن صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ نه چاهيندي ته نوازشريف ان قسم جي درخواست ڏئي، پي ٽي آءِ به درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿي ته اليڪشن کان اڳ عمران خان کي ٽي تڪڙيون سزائون ڪنهن جي چوڻ تي ڏنيون ويون؟پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان کسڻ ڪنهن جي خواهش هئي؟ نوازشريف جيڪڏهن درخواست ڏني ته اهو پاڪستان لاءِ انتهائي اهم هوندو، ان وقت جي عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ سان وڏي جُٺ ڪئي آهي،پوءِ جسٽس منيب اختر، جسٽس ثاقب نثار، جسٽس اعجازالاحسن لاءِ پريشاني ٿي سگهي ٿي جڏهن ته عمران خان کي موجوده دور ۾ جهڙي نموني سزائون ڏنيون ويون، رات ٻه وڳي تائين ٽرائل هلندا رهيا، اليڪشن ۾ آراوز جي ڪردار تي به سوال اٿيا آهن،موجوده عدليه جي ڪردار تي به پوءِ آڱريون کڄنديون،13 جنوري وارو فيصلو تڪراري ترين فيصلو هو،عمران خان جي سوچ سان لک اختلاف سهي پر سندس پارٽي کي ووٽ ته پيا،هن وقت عمران خان مظلوم ڪارڊ کيڏي رهيو آهي، فارم 45 ۽ فارم 47 تي عدليه خاموش آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس جي عهدي جو مدو ٽي سال ڪرڻ واري ترميم قبول نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ترميم سان هن کي فائدو ٿيندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي اداري سميت ڪنهن معاملي تي رعايت نه ڪئي آهي پر اها به حقيقت آهي ته ملڪ ۾ تازو ڇهن مهينن اندر جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان تي عدليه محتاط رويو رکيو آهي،  پراجيڪٽ عمران خان جي ڪردارن لاءِ خراب وقت اچي ويو آهي، نوازشريف پاران سخت اسٽينڊ وٺڻ بعد اسٽيبلشمينٽ پٺتي هٽڻ تي مجبور ٿي وئي آهي بلڪه عمران خان پراجيڪٽ جي ڪردارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ پاران اين او سي به جاري ڪئي وئي آهي،صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ رپورٽ ڪيو آهي ته پراجيڪٽ عمران خان جي ڪردارن جنرل باجوا، جنرل فيض حميد،جسٽس ثاقب نثار، جسٽس آصف سعيدکوسو،جسٽس عظمت سعيد جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.