ڪراچي ايئرپورٽ تي اهلڪار نينگري کي وارن کان وٺي فرش تي اڇلائي ڇڏيو، وڊيو وائرل

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪار معصوم نينگري کي وارن کان پڪڙي فرش تي اڇلائي ڇڏيو،اهڙي وڊيو به وائرل ٿي  وئي آهي، واقعو ڪراچي ايئرپورٽ جي پرڏيهي ملڪ کان ايندڙ واري دروازي  وٽ پيش آيو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته معصوم نينگري پنهنجي پيءُ ڏانهن ڊوڙي رهي هئي ته اي ايس ايف اهلڪار نينگري کي وارن کان پڪڙي هيٺ اڇلائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ معصوم نينگري کي پنهنجي پيءُ سان ملاقات ڪندي روئيندي ڏسي سگهجي ٿو. واقعي تي ردعمل ظاهر ڪندي اي ايس ايف اهلڪارن ان کي پراڻو واقعو ۽ اي ايس ايف آفيسر جو انفرادي عمل قرار ڏنو، اي ايس ايف اختيارين جو چوڻ آهي ته آفيسر خلاف مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي، اي ايس ايف اهڙي ڪارروائي جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏيندو، ٻئي پاسي اڳوڻو اسٽار ڪرڪيٽر شاهد آفريدي ايئرپورٽ تي مقرر سڪيورٽي آفيسر پاران معصوم نينگري سان بدتميزي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو.شاهد آفريدي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن وڊيو سان گڏ لکيو ته ”معصوم ڇوڪري هن کي ڏسي پنهنجي پيءُ ڏانهن ڊوڙي وئي، هن کي اها به خبر نه هئي ته ڪو بي رحم ماڻهو هن کي کڻي اڇلائي ڇڏيندو. اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪو ماڻهو ٻارن سان سٺو سلوڪ نٿو ڪري سگهي، اهو ڪنهن به پبلڪ ڊيلنگ واري جڳهه تي مقرر ٿيڻ جي لائق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.