درگاهه شاهه نوراني ويجهو حادثي ۾ فوت 18 ڄڻن جي مڪلي ۾ تدفين

ٺٽو(رپورٽ:منصور جلالاڻي ) درگاھ شاھ نوراني ويجھو خوفناڪ حادثو، زيارت لاءِ ويندڙ ٺٽي واسين جي ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، 17 ڄڻا اجل جو شڪار، 52 زخمي، فوتين ۽ زخمين ۾ ٻارڙا به شامل، فوت ٿيلن ۾ هڪ ئي خاندان  سان تعلق رکندڙ 12 ڄڻا شامل، ڳوٺ ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، حادثي جو شڪار ٿيل ٽرڪ ۾ فوت ٿي ويلن ۾ محرم پٽ گل شير عمر 30 سال، دين محمد پٽ آچار عمر 25 سال،  پياروپٽ گل عمر 25 سال، مشتاق پٽ سلمان عمر 20 سال، واحد پٽ رمون عمر 30 سال، الھورايو پٽ لونگ عمر 40 سال، امين پٽ لونگ عمر 28 سال، محب علي پٽ رمضان عمر 25  سال، سھراب پٽ صاحب ڏنو عمر 22 سال، گلزار پٽ لال  محمد عمر 30 سال، امام الدين پٽ موسي عمر 30 سال، جلال پٽ محمد   رفيق 15 سال، غلام نبي پٽ آچار عمر 35 سال، علي پٽ رمون عمر 19 سال، صاحب  ڏنو پٽ  الهه ڏنو عمر 55 سال، عرس ٻاٻڙو عمر 15 سال شامل آھن، خوفناڪ حادثي ۾ 52 ماڻھو زخمي ٿيا جن کي بروقت حب جي اسپتال کانپوءِ ٽراما سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو. زخمين مان 40 ڄڻن کي ابتدائي طبي امداد ڏيئي فارغ ڪيو ويو آھي ۽ ٻين زخمين کي ٽراما اسپتال ۾ داخل ڪري انهن جو علاج ڪيو پيو وڃي، زخمين ۾ زاھد پٽ ملنگ عمر 26 سال، علي شير پٽ احمد رضا عمر 25 سال، مھراب پٽ لال محمد عمر 13 سال، وسيم پٽ چنيسر عمر 12 سال،   رياض علي پٽ غلام نبي عمر 29 سال، شاھزيب پٽ سھراب عمر 5 سال، چنيسر پٽ محمد  رحيم عمر 40 سال، اعظم پٽ مبارڪ عمر 20 سال، محبوب پٽ امان الله عمر 17 سال، علي شير پٽ منٺارعلي عمر 18 سال، غلام قادر پٽ يار محمد عمر 54 سال، اڪرم پٽ مولا بخش عمر 29 سال، عمران پٽ رفيق عمر 14 سال، نواز پٽ صاحب علي عمر 28 سال،  گل دين پٽ زاھد دين عمر 16 سال، نياز پٽ غلام نبي 35 سال، محمد رفيق پٽ امام الدين عمر 45 سال، ڪرم علي پٽ امام الدين عمر 28 سال،  شير محمد پٽ رمضان عمر 35 سال، پپو پٽ بابو عمر 26 سال، شير زمان پٽ چنيسر  عمر 12 سال، واحد پٽ رمضان عمر 26 سال، نواز پٽ علي محمد عمر 30 سال،  صديق پٽ اوڀايو عمر 35 سال، عزيز پٽ  وريل عمر 35 سال، شوڪت علي پٽ رمضان عمر 35 سال، رسول بخش پٽ دين محمد عمر 18 سال، محبوب پٽ علي محمد عمر 18 سال، لياقت پٽ نواز علي عمر 15 سال، رحمان پٽ عطار عمر 30 سال، عمر پٽ عرس عمر 16 سال، علي  شير پٽ محمد  حنيف عمر 23 سال، محبوب پٽ سليم عمر 14 سال، محرم پٽ  بشير عمر 17 سال، فياٰٰض پٽ غلام نبي عمر 12 سال، گلزار پٽ منٺار عمر 30 سال، بشير پٽ صاحب ڏنو عمر 35 سال، محبوب علي پٽ محمد بشير 12 سال، اسماعيل پٽ اصغر عمر 35 سال، دلمراد پٽ  فيضان عمر 35 سال شامل آھن، رات دير سان خوفناڪ حادثر جو اطلاع ملندي ئي اڳوڻو ايم پي اي ڄام اويس گهرام ڄام احسان جوکيو ۽ ٻين سان گڏجي بروقت حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ بلوچستان جي اڳوڻي اسپيڪر اسلم ڀوتاڻي سان رابطو ڪري وڌيڪ ريسڪيو ٽيمون طلب ڪرايون، اڳوڻي ايم پي اي ڄام اويس  گهرام پنهنجي نگراني هيٺ فوت ٿيل 17 ئي ڄڻن جا جنازه ڪراچي مان غسل ڏياري مڪلي سندن ڳوٺ منتقل ڪرايو، درگاھ شاھ نوراني ڀرسان ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿي ويلن جي جنازي نماز مڪلي ڀرسان ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ ادا ڪئي وئي، اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ايم پي ايز سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد شاھ حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، پ پ پ اڳواڻن امتياز قريشي، رئيس عبدالغني بگھياڙ، پير زين العابدين جيلاني، اسلم ڀوتاڻي، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ، محمود عالم شاھ بخاري، شاھنواز لوھار، ڄام احسان جوکيو، بشير جوکيو، فدا شاھ، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق ڌاريجو سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.

  • سنڌ سرڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين جي مالي مدد جو اعلان نه ڪيو

ٺٽو: سنڌ سرڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين جي مالي مدد جو اعلان نه ڪيو، حادثاتي پاليسي تحت ھڪ لک رپيا ملندا. درگاھ شاھ نوراني ڀرسان بدنصيب ٽرڪ جي حادثي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ 52 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت حادثي جو شڪار ٿيلن جي پوئينرن لاءِ ڪو به اعلان  نه ڪيو آھي، جڏھن ته سنڌ جو وڏو وزير مڪلي ڀرسان ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ پھچي فوتين جي جنازن ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي آھي ته جيڪو حادثي ۾ فوت ٿئي ٿو ته ان جي وارثن کي ھڪ لک رپيا ڏنو ويندو، جڏھن ته صحافين جي بار بار سوال ڪرڻ تي وڏي وزير فوتين ۽ وارثن جي مالي سھائتا جو ڪو به اعلان نه ڪيو.

  • وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين طرفان ڏک جو اظهار

ٺٽو: وزيراعظم پاڪستان شھباز شريف، صدر پاڪستان آصف زرداري، گھرو وزير محسن نقوي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،  وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، صوبائي وزير جيل کاتو علي حسن زرداري، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، بي اين پي مينگل سربراھ اختر مينگل، جسم چيئرمين صوفي حضور بخش، جست چيئرمين سورهيه سنڌي، عوامي تحريڪ جي صدر لال جروار، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، قومپرست اڳواڻن اسلم خيرپوري، نواز خان زئور، نواز شاھ ڀاڏائي سميت سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن افسوسناڪ حادثي تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي فوتين جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ مڪلي ڀرسان ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ پھچي ٽرڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 17 ڄڻن جي وارثن سان عذرخواھي ڪندي گھري ڏک جو اظھار ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته واقعو انتھائي المناڪ آھي جنھن تي جيترو افسوس ڪجي گھٽ آھي، متاثرين سان ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون. سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن کي فوتين ۽ زخمين جي امداد جو فوري طور تي اعلان ڪرڻ گھرجي، ھڪ گھر جا 12 ماڻھو حادثي ۾ وڇڙي ويا آھن، حڪومتن جو ڪم عمل ڪرائڻ آھي، جيڪڏھن سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت ڪجهه نه ڪيو ته اسان ڀرپور آواز اٿارينداسين ۽ صدر پاڪستان آصف زرداري کي خط پڻ لکنداسين.

  • ٺٽو: ھڪ ئي وقت ڳوٺ مان 17 جنازا کڄڻ تي ڪھرام مچي ويو

ٺٽو: ھڪ ئي وقت ڳوٺ مان 17 جنازا کڄڻ تي ڪھرام مچي ويو، قيامت صغريٰ جا منظر، ھزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، ضلعي ۾ سوڳ ڇانيل، ٽرڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 17 ڄڻن جا ڳوٺ قاسم جوکيو مان ھڪ ئي وقت 17 جناز کڄڻ تي قيامت صغريٰ جا منظر ڇائنجي ويا ھئا ۽ ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو ھو، عيد خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، کين ھزارين آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏھن تہ حادثي بعد ٺٽي ضلعي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.

  • واقعي تي افسوس ٿيو، فوتين جي وارثن سان سهڪار ڪيو ويندو: وڏو وزير

ٺٽو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ميڊيا سان ڳالھه ٻولھ ڪندي چيو آھي ته شاھ نوراني درگاھ تي ويندڙ زائرين سان انتھائي افسوسناڪ سانحو پيش آيو، ھنن جون 3 کان 4 گاڏيون گڏ ھيون، جن مان ھڪ اڌ گاڏي خراب ٿي وئي جن ۾ سوار ماڻھن کي لاھي حادثي جو شڪار ٿيل ٽرڪ ۾ چاڙھيو ويو، جنھن سان حادثو پيش آيو ۽ گاڏي کاھي ۾ ڪري پئي، جنھن جي ڪري 17 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، 52 ڄڻا زخمي ٿيا ، جن کي ڪراچي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، ممڪن ھجي ته ٻيا زخمي ٻين اسپتالن ۾ ھجن، ڪراچي اسپتال ۾ زير علاج 52 ڄڻن مان 40 ڄڻن کي علاج بعد ڊسچارج ڪيو ويو، 12 ڄڻا اڃان اسپتال ۾ زير علاج آھن جن جي آئون عيادت به ڪري آيو آھيان، 5 کان 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جن کي ٻارڙن جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي، انتظاميه رات کان ئي انتظام ڪري ڇڏيو آھي، حادثي جو شڪار ٿيل ماڻھو انتھائي غريب ۽ مسڪين ماڻھو آھن جيڪي ڪريش پلانٽ تي مزدوري ڪندا آھن جن جي ڏک ۾ اسان برابر جا شريڪ آھيون ۽ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آئون پاڻ پھتو آھيان، ھر ممڪن سھڪار ڪيو ويندو. اسان وٽ طريقيڪار آھي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويلن لاءِ انشورنس آھي ته ھڪ لک رپيا انھن کي ادا ڪيو ويندو، ان کان علاوہ ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ھدايت ڪئي آھي ته انھن ڪفايت ڪئي وڃي، انساني جان جي ڪا به قيمت ناھي ان جو ازالو نٿو ڪري سگھجي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ امن امان جي صورتحال تي ڳالھائيندي چيو ته آئون پنھنجي حڪومت دفاع نٿو ڪريان پر نگران ۾ جيڪا صورتحال ھئي، اھا سڀني جي سامھون ھئي ان حوالي سان 3 کان 4 اجلاس ڪري چڪو آھيان، جيڪو نگران جي دور ۾ عجيب طريقيڪار استعمال ڪيو ويو جھڙوڪ مراد علي شاھ جا پنھنجا آفيسر ھئا، جن کي ھٽايو ويو، ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز کي بدلي ڪيو ويو، صورتحال کي بھتر ڪرڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.