ظلم ۽ ڏاڍ باوجود سمجهيو ويندو آهي ته اسان چُپ رهنداسين: اختر مينگل

پشين (ويب ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي (بي اين پي) مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته مرڪز ۾ ٺهيل حڪومت کي پاڪستان جي حڪومت نٿو سمجهان، اها حڪومت فارم 47 ۽ اليڪشن ڪميشن جي حڪومت آهي.
پشين ۾ اپوزيشن الائنس جي جلسي کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته اسان پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندا آهيون ته قلم 144 لڳايو ويندو آهي، جن سياسي ورڪرن کي قدرتي حالتون نه روڪي سگهيون ته قلم 144 ڪيئن روڪيندو؟ برسات باوجود عوام جلسي ۾ شريڪ ٿيو.
هن چيو ته توهان هڪ ڪڪڙ چور ۽ موٽر سائيڪل چور کي پڪڙي سگهو ٿو پر ملڪ ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ۽ بلوچستان ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو، جن کي پاڙي وارا به نٿا سڃاڻين، ملڪي عوام اڄ بدحال آهي.
سندس چوڻ هو جڏهن اسان گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته ماڻهن کي يقين نه ايندو هو، اسيمبلي ۾ گم ٿيل ماڻهن جو ذڪر ڪندا هئاسين ته ماڻهو اسان تي ٽوڪ ڪندا هئا.
اختر مينگل چيو اڄ جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي آهي، ان جو ڪريڊٽ مشتونخوا ميپ کي وڃي ٿو، اسان جي تحريڪ آئين جي بالادستي ۽ حق حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي، اسان جي سياسي ڪارڪنن سخت ترين مارشل لا جو مقابلو ڪيو، ظلم ۽ ڏاڍ باوجود سمجهيو ويندو آهي ته اسان چُپ رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.