بونير ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، گهربل دهشتگرد مارجي ويو، 2 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بونير ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 جوان شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بونير ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گهربل دهشتگرد سليم مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ حوالدار مدثر ۽ لانس نائيڪ حسيب جاويد شهيد ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.