80سيڪڙو دفاعي بجيٽ گهٽائي قوم جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻو پوندو: ايمل ولي

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر سينيٽر ولي خان حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن تي به حملو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، 80 سيڪڙو دفاعي خرچ ختم ڪري قوم جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻو پوندو،چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ عملي طور عسڪري پارليامينٽ ۽ عسڪري حڪومت آهي،بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ 110 سيڪڙو مارشل لا آهي، ڪورڪمانڊرز جي حڪم تي سموريون مقرريون بدليون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته اي اين پي سينيٽ ۾ آزاد بئنچن تي ويهڻ لاءِ چيئرمين سينيٽ جي جلد درخواست ڏيندي، ڪي پي تي علي امين گنڊاپور جي نه بلڪه ڪورڪمانڊر ۽ سيڪٽر ڪمانڊر جي حڪومت آهي،پاڪستان کي ايٽم بم ۽ حملن لاءِ هٿيارن جي ڪا به ضرورت ناهي، پاڪستان ان پوزيشن ۾ ناهي ته ڪنهن تي حملو ڪري، احتساب سياستدانن سميت سمورن ادارن جو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ججن جو خط ٽوپي ڊرامو آهي،ججن جو خط اسٽيبلشمينٽ ۽ آءِ ايس آءِ جي ڪردار کي صاف ڪرڻ لاءِ آهي، ڪنهن جنرل خلاف ڪو به ثبوت ۽ گواهي پيش نه ٿيندي،هن چيو ته جنهن ڏينهن عمران خان کي ڪرسي ملي وئي پارليامينٽ ۽ آئين جي تحريڪ به ختم ٿي ويندي، عمران خان اقتدار لاءِ وري انهن ماڻهن کي پيءُ بڻائيندو، هن چيو ته ”بارڊر وڃو،بيرڪ وڃو“ جي نعري سان ٻيهر تحريڪ شروع ٿيڻ واري آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.