بهاولنگر واقعي تي فوج ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم جاچ ڪندي: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناليوارن صحافين موجب بهاولنگر واقعي کانپوءِ ڪجهه پوليس اهلڪارن احتجاج طور استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن،8 اپريل تي پوليس ناڪي تي ٻن ماڻهن کي روڪيو جنهن مان هڪ  فرار ٿي ويو ٻئي جوابدار عرفان وٽان هٿيار مليو، پوليس فرار ٿيندڙ رفاقت جو پيڇو ڪري ان جي گهر تائين پهتي،پوليس وارن کي گهر ۾ موجود ڀاتين يرغمال بڻائي ورتو،وائرليس اطلاع تي وڌيڪ پوليس اهلڪار پهچي ويا،پوليس ردعمل ۾ انهن ماڻهن کي مارڪٽ شروع ڪري ڇڏي،معاملو تڏهن وڌيو جڏهن پوليس هڪ ايس ايس جي ڪمانڊو به انهن ماڻهن سان گڏ پڪڙي ٿاڻي تي آندو،اتي انهن تي تشدد ڪيو ويو، فوج جي برگيڊيئر ان معاملي ۾ وچ ۾ ٽپو ڏنو ته ڊي پي او پنهنجي ئي پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي،ايس ايڇ او سميت چار اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، فوج جي اهلڪارن کي ان ڪارروائي باوجود سڪون نه آيو ۽ ٿاڻي تي حملو ڪري اهلڪارن تي تشدد ڪيو ويو، عمر چيما چيو ته ان واقعي تي فوج گهڻي بدنام ٿي آهي،ٻئي پاسي بهاولنگر ضلعي ۾ پاڪستاني فوج جي اهلڪارن پاران پنجاب پوليس جي  اهلڪارن تي مبينا تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پنجاب پوليس ”جعلي پروپيگنڊا“ جي مذمت ڪئي آهي. پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته بهاولنگر معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، ان ۾ اصل حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي هڪ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي وڊيوز وائرل ٿيون هيون جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته فوج جي يونيفارم ۾ ملبوس ماڻهو بهاول نگر ۾ پوليس اهلڪارن کي مبينا طور تي ماري رهيا آهن.وائرل وڊيو ڪلپس تي سياستدانن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته واقعي کانپوءِ پنجاب پوليس جي سربراهه کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها،هن دعويٰ ڪئي  ته صوبائي حڪومت معاملي کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي رهي آهي. بهاولنگر جي پوليس ٿاڻي جي مدرسي تي چڪ سرڪاري تي ڇاپو هڻي شهرين کي غيرقانوني حراست ۾ رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ايس ايڇ او، اي ايس آءِ ۽ ٻين اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو،ايف آءِ آر ۾ ايس ايڇ او مدرسي ۽ ٻين خلاف فرض ۾ غفلت، غيرقانوني حراست جون شقون شامل ڪيون ويون آهن. نئين ايس ايڇ او سيف الله جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اي ايس آءِ محمد نعيم 8 اپريل تي اهلڪارن سان گڏ چڪ سرڪاري ۾ محمد انور جٽ نالي هڪ شهري جي گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن تي گهرڀاتين مزاحمت ڪئي، جنهن بعد پوليس اهلڪارن کي ڪمري ۾ بند ڪري بند ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪئي. مدرسي ٿاڻي جو ايس ايڇ او پوليس رضوان عباس ٻين اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو ۽ چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪري گهر ۾ داخل ٿيو، جنهن بعد عورتن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.متن موجب پوليس اهلڪارن محمد نور جت، سندس پٽ آرمي ملازم محمد خليل، اينٽي نارڪوٽڪس ملازم محمد ادريس ۽ ٻين کي گرفتار ڪري مدرسي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ فوجي اهلڪارن ۽ عورتن سميت 23 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو. هوڏانهن صحافي عمران شفقت چيو آهي ته بهاولنگر واقعي جي خبر قومي ميڊيا تي ناهي، پاڪ فوج جي ڪجهه اهلڪارن قانون هٿ ۾ کڻي پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو، پاڪ فوج ته هڪ ڊسپيلين وارو ادارو آهي ان جي  آفيسرن ۽ جوانن اهو قدم ڪنهن جي چوڻ تي کنيو هوندو،ٿاڻي تي حملو ڪيو ويو، پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو، کين ڪن پڪڙائي اٿ ويهه ڪرائي وئي، ٿاڻو فتح ڪرڻ جي مشن جي وڊيوز به ٺاهيون ويون،جوابدار رفاقت جي گرفتاري لاءِ پوليس گهر تي چڙهائي ڪئي هئي،

راولپندي(م ڊ)پاڪ فوج بهاولنگر واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ واقعي جي گڏيل جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو   ويو آهي ته تازو بهاولنگر ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن کي پاڪ فوج ۽ پوليس اختيارين جي گڏيل ڪوششن سان فوري طور تي خوش اسلوبي سان حل ڪيو ويو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان باوجود سوشل ميڊيا تي ڪجهه گروهن پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ رياستي ادارن ۽ سرڪاري کاتن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي.ترجمان پاڪ فوج چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو.بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ ذميوارن جي نشاندهي ڪئي ويندي، جاچ لاءِ سيڪيورٽي ۽ پوليس اهلڪارن تي ٻڌل گڏيل جاچ ڪئي ويندي.

لاهور(م ڊ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انورچيو آهي ته اسپيشل انيشيٽو پوليس اسٽيشنن جي ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ سبب بهاولنگر واقعو پيش آيو،گڏيل جاچ ٽيم به جوڙي وئي آهي ته جيئن انصاف  جون سموريون گهرجون پوريون ڪري سگهجن، ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو  ته بهاولنگر ۾ هڪ واقعو پيش آيو جنهن تي سوشل ميڊيا تي طوفان بدتميزي برپا ڪيو ويو، جنهن سان اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته خدانخواسته پاڪستان آرمي ۽ پنجاب پوليس وچ ۾ ڪنهن ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هجي،هن چيو ته بدقسمتي سان سوشل ميڊيا تي ڪجهه عنصر ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ واقعي جي غلط تصوير ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،ان معاملي ۾ ناپاڪ ارادن سان گڏ حقيقت جي ابتڙ وڊيوز شيئر ڪيون پيون وڃن ،هن چيو ته پنجاب پوليس ٻين سيڪيورٽي ايجنسين سان گڏجي امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي،هن چيو ته واقعي کانپوءِ فوري ايڪشن کنيو ويو، آر پي او ۽ آرمي جي مقامي ڪمانڊ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، جي آءِ ٽي جي جاچ دوران قانوني گهرجن کي پورو ڪيو ويندو، ان واقعي جي پس منظر ۾ ڪجهه پراڻيون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون،پابندي مڙهيل تنظيم ادارن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،واقعي تي جوائنٽ انويسٽيگيشن انڪوائري قائم ڪئي وئي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.