وزيراعظم،گهرو وزير،وزير دفاع ۽ وزيراعليٰ پنجاب خاموش

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا چيوآهي ته بهاولنگر واقعي تي وزيراعظم شهبازشريف،گهرو وزير محسن نقوي ،وزيراعليٰ  پنجاب مريم نواز ۽ دفاع واري وزير خواجا آصف جو ”نيوٽرل“ رهڻ ۽ خاموش رهڻ ان واقعي کان وڏي ٽريجڊي آهي، ته ائين ايڪٽ ڪيو ويو آهي اسان جو ان مسئلي ۾ ڇا وڃي؟ فوج ڄاڻي پوليس ڄاڻي، اهي ٻئي ادارا پاڻ ۾ ئي طئي ڪري وٺندا، اسان ڇو خراب ٿيون؟ هن لکيو ته ٻه ٽي ڏينهن هنگامو رهندو پوءِ سڀ خاموش ٿي ويندا،ڪو نئون هنگامو ٿي ويندو،حڪمران کي اهڙن موقعن تي وڏو ٿيڻو پوندو آهي، حڪمراني رڳو عياشي۽ پروٽوڪول جو نالو ناهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي سڀ حڪمران ان امتحان ۾ بري طرح ناڪام ويا آهن،فري فار آل جو ماحول بڻايو ويو آهي، سڀ ڪجهه آٽو پائليٽ تي لڳايو ويو آهي، ان اپروچ جا پوري معاشري تي خطرناڪ اثر پوندا، لاقانونيت وڌندي،انهن لاپرواهه حڪمرانن جي حفاظت لاءِ وڌيڪ جٿا گهربل هوندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.