ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، 3 ڌاڙيل زخمي

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوھارين جي خلاف مسلسل آپريشن جاري، پوليس پاران وڌيڪ ٽي ڌاڙيل زخمي ٿيڻ جا اطلاع،  سھرياڻي برادري جا ھڪ ھي خاندان جا ٽي مغوي آزاد نه ٿيا، دراني مھر جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوھارين جي خلاف مسلسل آپريشن جاري آهي پوليس موجب سبزوئي گينگ خلاف ڀرپور آپريشن جي نتيجي ۾ امداد سبزوئي سميت ٽي ڄڻا وڌيڪ زخمي ٿي پيا، 40 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ھوٽل هلائيندڙ پورھيت علي بھار سھرياڻي، سندس پٽ شمن سھرياڻي، ڀائيٽيي ذيشان سھرياڻي کي پوليس ڏوھارين جي قيد مان آزاد نه ڪرائي سگهي، مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، عيد جون خوشيون به روڄ راڙي ۾ تبديل رهيون، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ماني به نٿا پچايون، پاڙي وارا ماني ڏئي وڃن ٿا، مغوين کي فوري آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.