پني عاقل ڀرسان غيرت جي نالي تي مامن هٿان ڀاڻيجِي قتل

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پني عاقل ڀرسان غيرت جي نالي تي مامن هٿان ڀاڻيجِي قتل ٿي وئي، ڳوٺ نوراجا ۾ غيرت  جي نالي تي مامن هٿان ڀاڻيجِي قتل ٿي وئي، شاهد ۽ محمد علي سميجو پنهنجي پٽن  سان گڏ قربان سميجو جي گهر ۾ گهڙي سندس ڌيءَ نائلا کي گوليون هڻي قتل ڪيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ مقتولا جو ڀاءُ اختر احمد سخت زخمي ٿي پيو، لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي نوجوان کي طبي امداد بعد  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، بائجي پوليس موجب ناري جو امان الله چاچڙ سان نڪاح ٿيل هو، جنهن تان سندس مامن کيس قتل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.