لطيف آباد ۾ معصوم ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري فوت، لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) ايڇ ڊي اي جي نااهلي سبب 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي بشري’ امجد افضال پارڪ ويجهو کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي،  لطيف آباد يونٽ 7 جي علائقي پٺاڻ ڳوٺ جي رھواسي امجد ٻارن سان گڏ افضال پارڪ ۾ عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ آيو جتي سندس 7 ورهين جي ڌيءَ بشري’ گم ٿي وئي جنھن جي چپل پارڪ جي ويجهو کليل گٽر نالي وٽ ھٿ آئي جنهن کانپوءِ ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏنو ويو جن آپريشن بعد ٻارڙي جو لاش گٽر مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، فوت ٿي ويل ٻارڙي جي پيءُ جو چوڻ آھي ته ايڇ ڊي اي جي نااھلي سبب منهنجي معصوم نياڻي گٽر ۾ ڪري فوت ٿي آھي. واضح رھي ته حيدرآباد جا ڪيترائي پارڪ کي مختلف ٺيڪيدارن کي ڏنا ويا آھن جتي ڪنھن به قسم جي سڪيورٽي جا انتظام به ناهن ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.