پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور متاثرن ۾ عيد پيڪيج ورهائڻ جون تصويرون شايع ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. علي امين گنڊاپور معاملي بابت لاڳاپيل سرڪاري عملدارن ۽ عوامي نمائندن کان وضاحت طلب ڪري ورتي. هن چيو ته اهو عمل حڪومتي ۽ پارٽي پاليسي جي خلاف ورزي آهي، ائين ڪرڻ سان پيڪيج حاصل ڪندڙ مستحقن جي عزت نفس مجروح ٿي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت 85 لک مستحق خاندانن کي رمضان پيڪيج شفاف طريقي سان ڏنو، مستحق خاندانن جي خود اعتمادي کي نظر ۾ رکندي رمضان پيڪيج اڪائونٽن ذريعي ورهايو ويو.علي امين چيو ته پوليس شهيدن سميت هڪ 17 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي عيد پيڪيج پڻ ڏنو ويو آهي.