ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، موسميات کاتي صوبي ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ڪوئيٽا کان علاوه پشين، مسلم باغ ۽ زيارت سميت ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته زوب، شيراني، بارڪان، موسيٰ خيل، ڪوهلو، سبي ۽ جهل مگسي ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي. چمن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، لورالائي ۽ قلات ۾ به گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه تربت، هرنائي، نصير آباد، جعفرآباد، چاغي، پنجگور، گوادر ۽ ڪيچ ۾ به برسات جو امڪان آهي. ڪوئيٽا ۾ اڄ تيز برسات کانپوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جي ڊائريڪٽر جنرل جهانزيب خان طرفان شيئر ڪيل هڪ اپڊيٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوراب ضلعي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا..ٻئي پاسي پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسميات کاتي اڳ ئي صوبي ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي، اولهه واري هوائن سبب 14 اپريل تائين اڪثر ضلعن ۾ برسات پوندي.ٻئي پاسي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو مسلسل ملڪ جي مٿانهين علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي، اهو سسٽم اڄ کان ملڪ جي ڏاکڻي ۽ اولهه وارن علائقن ۾ داخل ٿيندو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 13 ۽ 14 اپريل تي ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين هنڌن تي تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وچولي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي.