سٺي حُڪومت اها چئبي جيڪا مهانگائي گهٽائي ڏيکاري

سُٺي حُڪومت ڪنهن کي چئجي يا سمجهجي تنهن جي پرک جون گُهرجون يقينن طئي ٿيل آهن پر پاڻ وٽ عوامي سطح تي هن وقت مهانگائي جو جيڪو اڻ کٽندڙ عذاب آهي جنهن عوام جي معاشي وجود کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي تنهن کي ڏسندڙ ۽ ڀوڳيندڙ عوام لاءِ اها ئي سٺي حڪومت آهي جيڪا مهانگائي گهٽائي سگهي ۽ سستائپ ڪري ڏيکاري. بظاهر اهو اڄ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. حڪومتن جي پاليسين ۽ طرز حڪمراني مان ڪنهن ريت به اهو نه ٿو لڳي ته ڪو حڪومت ويجهي مستقبل ۾ ملڪي عوام جي سستائپ واري خواب کي ساڀيان ڪري سگهي.

هاڻي نه رڳو مهانگائي آهي پر مهانگائي جا طوفان آهن جيڪي روز گهلي رهيا آهن. مهانگائي جا اهي طوفان اصل ۾ تڏهن کان برپا ٿيڻ لڳا آهن جڏهن کان حڪومت پهريون ماهوار ۽ هاڻي پندرهين ڏينهن پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ لڳي آهي جڏهن ته ماضيءَ ۾ سڄي سال ۾ هڪ ڀيرو ئي شيئن جا اگهه مقرر ٿيندا هيا ۽ پوءِ سڄو سال اهي برقرار رهندا هيا پر هاڻي هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن جي وڌڻ سان هر شئي مهانگي ٿي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه وڌڻ سان ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل هر سڌي يا اڻ سڌي شئي جو اگهه وڌي وڃي ٿو.

موجوده مسلم ليگ (ن) جي شهباز شريف جي چونڊيل حڪومت ۾ پڻ ساڳي پندرهين وار پيٽروليم اگهن وڌائڻ جي پاليسي جاري آهي جنهن سبب مهانگائي به ان تسلسل سان آهي. اتفاق سان نئين حڪومت جي ڏينهن ۾ رمضان شريف جو به مهينو نازل ٿيو جنهن ۾ هونئن ئي مهانگائي وڌي ويندي آهي. وري عيد جي موقعي تي ان وڌيل مهانگائي ۾ اڃان واڌ ايندي آهي ان سان گڏ گيس ۽ بجلي جي اگهن توڙي ٽيڪسن ۾ پڻ لاڳيتو واڌ ٿيندي رهندي آهي. گيس ۽ بجلي جي اگهن توڙي ٽيڪسن ۾ اها واڌ وري پاڻ کي آءِ ايم ايف جي مالياتي پروگرام ڪري عوام جو مقدر بڻجي وئي آهي.

سو هڪ پاسي پيٽروليم جي اگهن ۾ پندرهين وار واڌ ٻيو وري آءِ ايم ايف جو مالياتي پروگرام مهانگائي جي طوفانن جو ڪارڻ بڻجي ويا آهن. عيد جي موقعي تي پندرهين ڏينهن اڳ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ٿي ۽ هاڻي نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 4 رويپا 92 پيسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. جنهن نتيجي ۾ غريب غربي جي عيد جيڪا هونئن ئي بجيٽ تي اضافي بار هوندي آهي تنهن هن عيد الفطر کي ويتر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي مالياتي پروگرام ملڪ کي ته ڏيوالي مان ممڪن آهي ته ڪڍيو هجي پر ان پروگرام حقيقي معنيٰ ۾ عوام جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي.

هاڻي اهو حڪومت جو ڪم آهي ته اها ملڪ ۽ عوام کي معاشي ڏيوالي کان بچائي. اهڙيون دعوائون ته برابر ڪيون وينديون آهن ته اسان جو ٽارگيٽ معاشي بدحالي ختم ڪرڻ آهي پر عملي طور اهڙا عمل نٿا نظر اچن، اهڙيون پاليسيون نه ٿيون نظر اچن جنهن سان مهانگائي يا معاشي بدحالي ختم ٿي سگهي. ٻيو ته ڇڏيو حڪمرانن جون پنهنجيون عياشيون ۽ رعايتون ئي ڏسجن ته اهي گهٽجڻ جو ڪو نانءُ ئي نه ٿيون وٺن ۽ نه ئي حڪومتي سطح تي ڪا سادگي ٿي نظر اچي.

ٻيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪرڻ ۽ پنهنجي ادارن، زراعت، ماهي گيري، چوپائي مال ۽ معدني وسيلن مان فائدو وٺڻ جو ڪو سنجيده ارادو نظر نٿو اچي. پنهنجن ادارن کي مضبوط ڪرڻ بدران انهن کي کپائڻ ۽ خانگائڻ جا فيصلا ٿي رهيا آهن. مطلب ته معاشي بدحالي ته سڀني کي نظر اچي ٿي پر ان مان نڪرڻ جي ڪا ٺوس پاليسي ڪنهن کي به نظر نه ٿي اچي. جيڪا صورتحال واقعي به ڳڻتي جوڳي آهي.

  • مسافرن کان واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙن خلاف ڪارروائي ساراهه جوڳو عمل

 

رپورٽن موجب سنڌ جي سينيئر وزير، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ طرفان عيدالفطر جي موقعي تي مسافرن کان واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙ 471 مسافر گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون آهن. مجموعي طور تي گاڏين جي مسافرن کان واڌو اوڳاڙيل 7 لک 44 هزار روپين تي رقم مسافرن کي واپس ڪرائي وئي ۽ واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف هڪ لک 95 هزار روپين جا ڏنڊ مڙهيا ويا. روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي پاران ڪراچي، صدر، هاءِ وي ۽ ٻين بسن اڏن تي واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منصفاڻي ۽ مناسب ڀاڙن جو تعين يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. شهرين جي ڀلائي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته شرجيل انعام ميمڻ جي طرفان ڪرايل ان ڪارروائي سان سندس بحيثيت ٽرانسپورٽ جي وزير سٺي ڪارڪردگي ليکي ويندي جو عيد جي موقعي تي مٽن مائٽن سان عيدن لاءِ ويندڙ مسافرن کي واڌو ڀاڙو اوڳاڙيندڙن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.جيڪڏهن اها روايت برقرار ٿي رهي ته پوءِ اڳتي ٽرانسپورٽ مافيا کي وري اهڙي حرڪت جي همت نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته هيل مٿن ڏنڊ به لڳايو ويو آهي جنهن سان کين عيد جي موقعي تي ڪمائڻ بدران رهندو نقصان رسيو آهي.

اسان ان حوالي سان شرجيل انعام ميمڻ جي ان ڪارروائي کي ساراهيون ٿا. هن بحيثيت ٽرانسپورٽ جي وزير ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي جيڪا جديد ٽرانسپورٽ مُهيا ڪئي آهي سان ڪارڪردگي به سندن يادگار حيثيت رکندي هو يقين هڪ متحرڪ ۽ برجستي ٽرانسپورٽ جي وزير طور نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.