گُردن کي فيل ٿيڻ کان بچايو

تحرير: زيد پيرزادو

انسان جي زندگيءَ لاءِ سڀني کان قيمتي شيون جائداد، پئسا، ڪار يا موبائليون نه آھن پر سندس ڦڦڙ، جيرو، دل، دماغ ۽ گردا آھن جن جي سار سنڀال اسان گھٽ ڪندا آھيون. گردا يا بڪيون انسان جي جسم جي اھم ترين عضون منجھان آھن، ڇو ته جيڪڏھن اھي ناڪارا يا فيل ٿي وڃن ته انسان جو موت واقع ٿي ويندو آھي. گردن جي فيل ٿيڻ جا وڏا سبب شگر ۽ بلڊ پريشر جون بيماريون آھن.

پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو تعداد  تمام وڏو آھي ۽ ايئن ئي بلڊ پريشر جي بيماري به عام آھي، تنھنڪري اھڙا ماڻھو جن کي گردن جي مرض سان گڏ شگر يا بلڊ پريشرھجي پڻ وڏي انگ ۾ موجود آھن  جيڪا صورتحال گردن کي فيل ڪرڻ جو وڏو سبب بڻجي سگھي ٿي. ھڪ ٻيو وڏو سبب غير ضروري دوائون کائڻ به آھي جيئن اسان وٽ خاص طور تي پين ڪلرس دوائون پيناڊول ۽ پونسٽان وغيره ماڻھو عام جام استعمال ڪندا آھن ساڳئي طرح اينٽيبايوٽڪ ۽ ٻيون دوائون به. سموريون دوائون گُردن لاءِ نقصان ڪار آھن انڪري انھن کي تمام ضروري حالتن کانسواءِ استعمال نه ڪرڻ گھرجن. ايئن ئي گردن ۾ پٿري به گردن کي نقصان پھچائڻ جو ھڪ سبب آھن. تنھنڪري اسان کي پنھنجن گردن تي خاص نظر رکڻ جي ضرورت ھوندي آھي. اھم ڳالھه اھا به آھي ته انھن ٽنھي بيمارين جي مريضن کي خبر ئي نه پوندي جيستائين انھن جون ٽيسٽون نه ڪرائيندا ان لاءِ انھن بيمارين کي سائلينٽ ڪلر مطلب خاموش قاتل به چيو ويندو آھي.

گردن جي بيماري جي شروعاتي علامتن لاءِ سڀ کان اڳ سوڄ تي نظر رکڻ گھرجي ته پيرن تي يا اکين جي ھيٺان سوڄ ته ناھي. گردن جي بيماري جي پھرين علامت پيشاب ۾ پروٽين جو اچڻ ھوندو آھي. جيڪڏھن پيشاب ڪرڻ وقت سرف وانگر گج ٿي وڃي جيڪا گھڻي دير رھي ته اھا پروٽين جي علامت آھي ان لاءِ يورين ڊي آر ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي جيڪا فقط ٻن سئو رپين ۾ ٿي ويندي. وڌيڪ جاچ لاءِ يوريا، ڪريئٽنين ۽ ڪڊني جو الٽرا سائونڊ ڪرائي ٿو سگھجي. اھي ٽيسٽون به گھڻيون مھانگيون نه آھن.

جيڪڏھن بيماريءَ کي شروعات ۾ پڪڙي وٺجي ته ان جو علاج آسان ٿي ويندو آھي، خرچ به گھٽ ايندو ۽ تڪليف به، پر جيڪڏھن بيماريءَ ڏانھن لاپرواهي جاري رکندا سين ته بيماري اندر ۽ اندر کائيندي ويندي پوءِ جڏھن دير ٿي ويندي ته ممڪن آھي گُردا ناڪارا بڻجي وڃن. صاف ۽ گھڻو پاڻي پيئڻ، صحتمند کاڌو کائڻ، لوڻ ۽ کنڊ جو گھٽ استعمال، واڪ، ايڪسرسائيز ڪرڻ، ٿولهھ کان بچاءُ ۽ پوري ننڊ ڪرڻ، گھڻين ئي بيمارين کان بچڻ لاءِ اھم شيون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.