دنيا ۾ مڪمل سج گرھن کي ڪيئن ڏٺو ويو ….

ميڪسيڪو، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾155 ميل ويڪري ۽ 4 ھزار ميل ڊگھي زمين جي حصي تي موجود  لکين ماڻهن جون نظرون آسمان ڏانهن کپيل  رکيون ڇو ته سج  گرهڻ وقت  انهن جو واحد مقصد ڏينهن جي وقت  ۾ رات جي اونداهي کي ڏسڻ هو.

سومرڏينھن سحر طاري ڪندڙ نظاري جو ماڻھن مشاھدو ڪيو. چنڊ جو ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ اچڻ ۽ روشنيءَ کي اونداهي ۾ تبديل ڪرڻ جو منظر ڪنھن ڪنھن جادو کان گھٽ نھ ھو.سج گرهڻ جو ھو منظر ميڪسيڪو جي وارياسي سامونڊي ڪناري  ويجهو ھڪ آبادي کان شروع ٿيو ۽ نياگارا فالز کان ڪئناڊا جي نيو فائونڊ ٻيٽ جي مٿان آسمان تائين مڪمل اونداهي ۾ ٻڏي ويو.ھي سج گرهڻ سڀ کان پهرين ميڪسيڪو جي اولھھ جي علائقي  ماساتلان  ۾ مقامي وقت موجب 11 لڳي 70 منٽن تي ڏٺو ويو.پهرين ته چنڊ جو ٻاهريون حصو سج کي ڇهندي نظر آيو. پوءِ آھستي آھستي ايئن لڳو ڄڻ ان سڄي سج کي ڍڪي ڇڏيو هجي ۽ جيئن ئي اوندهه ٿي ماڻھون خوشي ۾ نھ پئي ماپيا.

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس ۾ هزارين ميل پري 11 سالن جي ايڊي والٽن ڪنگ پرجوشيءَ سان سج گرهڻ جو انتظار ڪري رهي ھئي.ايڊي پنجين ڪلاس ۾ پڙھي ٿي.ھن نظاري ڏسڻ لاءِ تياري ڪئي ھئي.  پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻ لاءِ چشما بھ ورتا ھئا.ھن ٻڌايو تھ پهرين تھ اهو محسوس ٿيو ته ڄڻ سڀ ڪجهھ رڪجي ويو آھي.آسمان تي ڪڪرن جي اچ وڃ جاري ھئي.آسمان صاف نه هو ۽ پوءِ اوچتو ائين محسوس ٿيو ڄڻ سج بلڪل غائب ٿي ويو آهي ۽ چنڊ جي چوڌاري ٿوري روشني ئي رهجي وئي آهي.ايڊي ٻڌايو تھ ، مون  ائين نھ سوچيو ھو. گھڻي اونداهي ٿي وئي ھئي. مان سوچيو ته اھو منظر شام وانگر ھوندو پر ھتي تھ مڪمل اونداهي ٿي وئي .

سج گرهڻ آمريڪا جي اتر اوڀر رياستن ۾ پڻ نظر آيو. چنڊ گرهڻ ڪجهه ماڻهن لاءِ يادگار  ائين ٿيو تھ آمريڪي رياست آرڪنساس ۾ 300 جوڙن جي شادي بھ ان وقت ٿي رھي ھئي.

پاڙيسري رياست ميزوري جي هڪ فلڪيات دان، ڊارسي ھوڊ،پنھنجي گاڏي ھلائي ڪري وچ  آرڪنساس تائين رڳو سج گرهڻ ڏسڻ لاءِ پھتي ھئي. ڇو ته کيس  ڊپ هو ته هوءَ پنھنجي علائقي ۾ خراب موسم جي ڪري اهومنظر اتي  ڏسي نه سگهندي.

70 سالن جي فلڪياتي ماھر ڊارسي جو چوڻ آهي ته ” ڪائنات ۾ ٻين دنيائن جو وجود ان وقت محسوس ٿي رھيو هو“.هن کي ننڍپڻ کان ئي ڪائنات سان پيار آھي. جڏهن سندس پيءُ هن کي اتي قطب ۽ ڪھڪشان (کيرڌارا) ڏيکاري ھئي ۽ هڪ نئين دوربين خريد ڪري ڏني ھئي.ھوءَ ٻڌائي ٿي تھ، مان ھڪ جنون ۾ مبتلا ٿي وئي ھيس. مون ٽيلي اسڪوپ ذريعي مشتري ۽ زحل کي ڏسي سگهندي ھيس ۽ جڏهن مان خلا ۾ ڏسندي آھيان ته محسوس ٿئي ٿو ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه درست آهي.مقامي وقت موجب 3 لڳي 13 منٽن تي آمريڪي رياست اوهائيو جي مرڪزي اولهه حصي ۾ به اوندهه ۾ پکڙجي وئي.ڪليو لينڊ ۾ سج گرھڻ ڏسڻ جو شوق رکندڙن کي آسمان بلڪل صاف نظر اچي رھيو ھو ۽ اھي اتان سج جي ٻاھرين سطح کي ڏسي پئي سگھيا.

عام طور تي جڏهن ڏينهن جي روشني ھوندي آھي عين ان وقت ماڻهو تارن کي ڏسي رھيا هئا.آمريڪا جي باقي وڏن شهرن ۾ سج گرهڻ جي ڪري مڪمل اونداهيءَ تھ نه ٿي، پر ان جي باوجود اتي جو نظارو دل کي ڇهندڙ هو.نيويارڪ ۾ سوين ماڻهو منهٽن جي بلند ترين عمارت جي ڇت جي ڪناري تي بيٺا ھئا ۽ سج گرهڻ جا اثر ڏسندا رهيا.کين ان انتظار مايوس نه ڪيو، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سج لهي ويو آهي۽ چنڊ وانگر دنيا تي چانڊوڪي  جو رنگ پکڙجي ويو آهي.نيگارا فالس جي ويجهو آمريڪا ڪينيڊا جي سرحد تي پڻ سياح موجود ھئا. اھي سج گرھڻ جي ھڪ کان ٻئي ملڪ ڏانھن  سفر کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا.

هتي موسم جي خرابي سبب ماڻهن کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته سڄي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ھئا. نياگارا فالز  ويجهو هڪ جاءِ تي 309 ماڻهو ھڪجهڙا ڪپڙا پائي بيٺا هئا. جن کي ڏسي سج جو

شڪ ٿي رھيوھو. ان کان پوءِ سج جي اونداھي ۾ ٻڏڻ جو وارو آيو.اھو ڪئناڊا جو شهر مونٽريال ھو،جتي اھو منظر پڌرو ٿيو.مونٽريال ۾ اٽڪل 20 ھزار ماڻھو مڪ گل يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾موجود هئا۽سج گرهڻ ڏسڻ لاءِ ماندا ھئا.يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريٽر ڪاروئنا ڪروز جو چوڻ آهي ته ”اسان کي رڳو اٽڪل 8 ھزار ماڻهن جي اچڻ جي اميد هئي“.هوءَ چوي ٿي ته هتي موسم بلڪل صاف ھئي ۽ آسمان چمڪي رھيو هو.سندن چوڻ موجب جيئن ئي سج ڌرتيءَ ۽ چنڊ  جي وچ ۾ آيو ته چوڌاري موجود ماڻهن خوشيءَ مان وڏيون رڙيون ڪيون.’مون وٽ اھو سڀ بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن ته اهو سڀ ڪجهه مون کي ڪيترو سٺو لڳو.’

سج گرھن ختم ٿي ويو  پر پويان هڪ نھ مٽندڙ نقش  ڇڏي ٿو. ڊيلاس ۾ موجود نينگري ايڊي، هاڻي مستقبل لاءِ يٿابندي ڪري رھي آھي.ٽيڪساس ۾ ھاڻي مڪمل سج گرھڻ  300 سالن تائين نظر نھ ايندو.ان ڪري هاڻي، ايڊي کي 2044 ۾ سج گرهڻ ڏسڻ لاءِ اتر آمريڪا وڃڻو پوندو.ان وقت تائين ايڊي سج گرهڻ جي موضوع تي وڌيڪ مهارت حاصل ڪري چڪي هوندي. ” اھڙي نظاري اچڻ کان اڳ مان ھڪ سائنسدان بڻجڻ چاھيان ٿي“

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.