نگران حڪومت دوران بدامني وڌي:نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) پيپلز پارٽيءَ سڀني  سياسي جماعتن وچ ۾ ميثاقِ ٽرٿُ اينڊ ري ڪنسيليشن جي تجويز ڏيندي وفاقي حڪومت کان نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نئين اين ايف سي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ 18 هين ترميم جي تحت 17 وفاقي وزارتن کي ختم ڪري صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو مطالبو پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پي پي پي اڳواڻ خيرمحمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو ۽ شڪيل ميمڻ سميت ٻيا پڻ موجود هئا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پريا ڪماري جو ڪيس 2 اڍائي سال پراڻو آهي ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ته هي واقعو ڪيئن ٿيو آهي؟ پريا ڪماري اغوا بابت ڪيس جي سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، پريا ڪماري واري ڪيس ۾ وقت ضرور لڳو آهي پر ان جي رپورٽ ضرور ايندي. هن چيو ته نگران حڪومت جي 8 مهينن جي دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي،بدامني تي ضابطو هڪ ڏينهن ۾ نه ٿو اچي سگهي هن چيو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي هٿيار ڪيئن پهچندا آهن ان تي به نظر رکڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.